112

طالبان حڪومت تسليم ڪرڻ جو فيصلو پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪبو،گڏيل حڪومت نه ٺهڻ سان گهرو ويڙهه ٿيندي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي   وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طالبان حڪومت تسليم ڪرڻ جو فيصلو پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪبو،گڏيل حڪومت نه ٺهڻ سان گهرو ويڙهه ٿيندي. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان وڌيڪ چيو ته طالبان اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪي به بيان ڏنا آهن سي حوصلو ڏيندڙ آهن، پڪ آهي ته افغانستان ۾ نياڻيون جلد ئي اسڪولن ۾ وڃي سگهنديون. منهنجي خيال ۾ طالبان نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏيندا ڇو ته انهن کي تعليم کان روڪڻ اسلام جي ابتڙ ٿيندو.  وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ان جو فيصلو ڪندو ته طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪجي يا نه ڪجي، سڀني کي گڏجي ڏسڻو آهي ته اڳتي ڪيئن وڌجي. هن چيو ته افغان حڪومت ۾ سمورن ڌڙن کي شامل نه ڪرڻ سان افغانستان ڪمزور ئي رهندو ۽ دهشتگردن کي پڻ اتي رهڻ جو موقعو ملي ويندو جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. افغانستان پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ خطرو ٿيندڙ دهشتگردن جي پناهه گاهه طور استعمال نه ٿيڻ گهرجي. ٻي پاسي  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سي اين اي تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته دنيا کي هن نازڪ موڙ تي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، عالمي برادري تي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان گڏيل ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. افغانستان جي تاريخ جو رخ بدلجي ويو آهي، اسان خطي ۾ استحڪام جي نئين دور جي شروعات ڪري سگهون ٿا. اها خوشي جي ڳالهه آهي ته طالبان پاران ٿيندڙ اعلان امن قائم ڪرڻ، استحڪام وڌائڻ ۽ مفاهمت جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جا عڪاس آهن. اسان سڀني کي انهن بيانن جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي. دنيا جون نظرون هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان تي آهن. عالمي برادري جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. چئلينج اهو آهي ته افغانستان ۾ پنهنجي پنهنجي مفادن کان مٿانهون ٿي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري تڪرارن افغان عوام کي وڏو جاني نقصان پهچايو آهي. انهن کي انهن مصيبتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو