112

شهباز شريف اها ئي زبان استعمال ڪئي جيڪا هن اڳ به استعمال ڪئي: شيرين مزارين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته شهباز شريف اها ئي زبان استعمال ڪئي جيڪا هن اڳ به استعمال ڪئي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي تقرير جي رد عمل ۾ هن چيو ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي چوندا هئا ته پيٽ ڦاڙي ۽ رستن تي گهلي قومي ناڻو واپس آڻينداسين. ويتر ڦر لٽ ڪري سندس ڀاءُ ٻاهر ڀڄي ويو، هاڻ هي  چئي رهيو آهي ته پنهنجي اندر ۾ ڏسو، پر هنن کي پاڻ ئي پنهنجي اندر ۾ ڏسڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو