ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪنهن به اداري کي بهتر انداز ۾ هلائڻ لاءِ اختيار، وسيلا ۽ نيت جي ضرورت آهي، ڪي ايم سي هاڻ سڌارن طرف وڃي رهي آهي، اسٽيٽ لينڊ ۽ ٻين کاتن جو رڪارڊ آن لائن ڪيو ويو آهي ۽ اداري ۾ شفافيت لاءِ بهتري آڻي رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن ڪالهه صدر آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مرتضيٰ وهاب چيو ته بار بار چيو وڃي ٿو ته اختيارن جي کوٽ آهي جڏهن ته اختيارن جي نه پر نيت جي کوٽ هئي. ڪي ايم 21 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي پينشن ڏيندي آهي جڏهن ته 13 هزار ملازمن پگهارون کڻن ٿا جڏهن ته صورتحال ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اسٽيٽ کاتي کان شروعات ڪئي آهي، ڪي ايم سي جي دڪانن جو ڀاڙو ڏيڍ سال تائين 5 ڪروڙ سالياڻو ملندو هو جيڪو هاڻي وڌي 15 ڪروڙ ٿي ويو آهي ۽ چارجڊ پارڪنگ سائٽس تان پورو سال 3 ڪروڙ گڏ ٿيندا هئا پر مافيا جو خاتمو ڪري موجوده مالي سال جي ابتدائي ٽن مهينن ۾ ساڍا 4 ڪروڙ کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا آهن. هن چيو ته آئل ٽينڪرز ۽ بس ٽرمينل کان به روينيو وصولي شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڪي پي ٽي جي 65 ڪروڙ بقايائن جي ادائگي لاءِ به خط لکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ميونسپل يوٽيلٽي ٽيڪس جي مد ۾ مشڪل سان 16-15 ڪروڙ رپيا وصول ٿيندا آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ في صارف 200 رپين جي وصولي سان ڪي ايم سي کي ماهوار 60 ڪروڙ ۽ سالياڻو 7 ارب 20 ڪروڙ رپين جي آمدني ٿيندي. هن چيو ته مستقبل ۾ جيڪو به ميئر ايندو ان کي شهر کي هلائڻ لاءِ ان رقم جي ضرورت هوندي. هن چيو ته ميونسپل يوٽيليٽي ٽيڪس جي مڪمل وصولي ۽ خرچن جا تفصيل شهرين جي سامهون آڻينداسين ۽ ڪجهه لڪايو نه ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته مون وٽ ٽي رستا آهن هڪ وفاقي حڪومت کان مدد گهران، ٻيو صوبائي حڪومت کان مدد گهران ۽ ٽيون ڪي ايم سي جي حوالي سان پنهنجي حق تي بيٺل رهان، مون کي اميد آهي ته ميونسپل يوٽيليٽي ٽيڪس جي بجلي جي بلن ۾ صولي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ ٻيا ادارا پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا ۽ عدالتون ڪي ايم سي جي روينيو معاملن ۾ اسٽي ڏيڻ کان اڳ ڪي ايم جو موقف ٻڌي فيصلا ڏينديون. مرتضيٰ وهاب چيو ته ميونسپل ٽيڪس جو جيئن ئي اعلان ڪيو ته ان تي سياست شروع ڪئي وئي ۽ الزام اهي ماڻهو لڳائي رهيا آهن جيڪي ايڊوانس ٽيڪس ۽ پيٽرول تي پنج رپيا ماڻهن کان پڇڻ کان سواءِ وڌائي ڇڏين ٿا. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جا ٿورائتا آهيون جو هن راضپو ظاهر ڪيو پر پي ٽي آءِ جا وفاقي وزير ۽ گورنر مخالفت ڪري ڇڏي جيڪو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته فيصلو ڪرڻو آهي ته شهر کي خيرات ۾ هلايو وڃي يا خودمختيار ٿي هلايو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم کي درخواست ڪندس ته ڪراچي جو ساٿ ڏئي. هن چيو ته آدمشماري تي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي موقف تي قائم آهي، اليڪشن ڪميشن گهرايو هو ۽ آئيني پوائنٽ ٻڌائي ڇڏيا هئا.
116