101

پاڪستاني جهنڊو لاهڻ ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي: طالبان ترجمان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پاڪستاني جهنڊو لاهڻ ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته   ٽرڪ تان پاڪستاني جهنڊو لاهڻ واري واقعي تي سموري طالبان قيادت ڪاوڙيل آهي، هن چيو ته جيڪو به ان عمل ۾ ملوث هوندو، ان کي گرفتار ڪيو ويندو سخت کان سخت سزا ڏني ويندي، واقعي جي مذمت ڪيون ٿا، اسان جي ڪوشش هوندي ته ٻيهر اهڙو واقعو ڪڏهن پيش نه اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو