اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ڇا پي آءِ اي، اسٽيل ملز ۽ ٻين ادارن مان هزارين ملازمن کي اسان ڪڍيو آهي؟. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ملازمن کي ڪڍڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ لکين ماڻهو بيروزگار آهن. گذريل ٽن سالن ۾ پنجاهه لک ماڻهو بيروزگار ڪيا ويا انهن جي زندگي تنگ ٿي چڪي آهي ۽ ماڻهو پنڻ تي مجبور آهن. هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪيڏانهن ويون؟ نوڪريون ته پري جي ڳالهه آ پر غريب ماڻهن جي گهر ۾ چُلهه ٻرڻ به ڏکي ٿي وئي آهي، اڄ آسمان به انهن جي حرڪتن تي روئي ٿو، ناڻي واري وزير چيو هو ته ڪو به نئون ٽئڪس نه لڳائينداسين، پاڪستان جي تاريخ ۾ مهانگائي جو ايڏو وڏو طوفان ڪڏهن به نه آيو، حقيقن تي ڳالهيون آڻينداسين ته ٻڌڻ ڏکيو ٿي ويندو. هنن کي پنهجي اندر ۾ به ڏسڻ گهرجي. پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، بجلي، گيس ۽ تيل جون قيمتون ڪٿي وڃي پهتيون آهن؟. هن چيو ته رڪارڊ درست ڪرڻ گهرجي، سزا پاناما تي نه پر اقامي تي ٿي هئي، اتفاق فائونڊري جون مشينون وڪڻي قرض لاٿاسين، هڪ روپيو به معاف نه ڪرايو.
116