142

جيڪي ويڪسين نٿا ڪرائين اهي ته ٽرمپ جا پو ئلڳ ٿيا: عدالت

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اطهر من الله ڪورونا ويڪين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس عورت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ويڪسين لڳرائي آهي؟ جنهن تي وڪيل شاهينه شهاب الدين چيو ته مون ويڪسين ناهي لڳرائي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ توهان ڪورٽ ڪئين ٿيون اچي سگهون؟ بار ۽ بينچ جو فيصلو آهي ته  ويڪسين کانسواءِ ڪو به اتي هتي نٿو اچي سگهي، جنهن تي وڪيل چيو ته مان ويڪسين لڳرائڻ نه پر زبردستي لڳرائڻ جي خلاف آهيان، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪي ويڪسين نٿا ڪرائين اهي ته ٽرمپ جا پو ئلڳ ٿيا،  اوهان ويڪسين نه لڳرائي ڪورونا وائرس پکيڙڻ ۾ تعاون ڪري رهيا آهيو،نبي پاڪ (صه)جن پڻ فرمايو آهي ته جتي وبا پکڙيل هجي اتي نه وڃو

جيڪڏهن ويڪسين ناهي لڳرائي ته ٻين کي بچائڻ لاءِ الڳ رهڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو