ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ عوام دشمن حڪمرانن کي جلد گهر ڀيڙو ڪنداسين، ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پي ٽي آءِ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيل گهوٽڪي جي چونڊيل ايم پي اي شهريار شر ملاقات ڪئي، ملاقات دوران موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيو ويو، جڏهن ته شهريار شر آصف علي زرداري کي گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۽ سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته عوام ڪٺ پتلي حڪمرانن کي آئينو ڏيکاري رهيو آهي،سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي اهي اسان سان گڏ آهن،پيپلزپارٽي هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي، عوام دشمن حڪمران جلد منطقي انجام تي پهچندا،
