اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 2025ع تائين پاڪستان ۾ موجود چينين جو تعداد 50 لک تائين پهچندو، هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر شهزاد علي خان ميڊيا کي ٻڌايو ته صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پاڪ چين تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيڪل يونيورسٽيون، ريسرچ انسٽيٽوٽ ۽ بائيو ٽيڪنالاجيڪل ڪمپنيون ٺاهڻيون پونديون، هن وڌيڪ چيو ته جديد ۽ روايتي نظام ٻنهي تي ٻڌل مخصوص صحت جي سهولتن جي ضرورت پوندي.
111