129

نيوزيلينڊ ٽيم جو دورو ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڀارت مان ٿيڻ جا پول پڌرا، قانوني ڪارروائي لاءِ پاڪستان جو انٽرپول سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مليل  ڌمڪي جا پيرا ڀارت مان مليا آهن،  فيس بڪ تي احسان الله احسان نالي واري اڪائونٽ تان نيوزي لينڊ کي پاڪستان جي دوري کان روڪڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، اها ڪوڙي آءِ ڊي ڀارت مان استعمال ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن گهرو وزير شيخ رشيد احمد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڊي گارڊين نيوزي لينڊ جي  ٽيم کي پاڪستان جي دوري دوران ڊيڄارڻ لاءِ آرٽيڪل لکيو، نيوزي لينڊ جي اوپنر مارٽن گپٽل جي گهرواري کي به ڌمڪي واري اي ميل موڪلي وئي، نيوزي لينڊ جي ٽيم کي به جيڪي ڌمڪيون ڏنيون ويون انهن جو ڳڙهه ڀارت هو، نيوزي لينڊ جو درو رد ڪرائڻ جو مقصد پاڪستان کي شرمسار ڪرائڻ هو، ڀارت جيتري چاهي ڪوشش ڪري وٺي، ان کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو، آءِ سي سي نيوزيلينڊ ۽ ٻين ٽيمن کي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي مليل ڌمڪين جو نوٽيس وٺي، پي سي بي ۽ حڪومت نيوزي لينڊ جو دورو رد ٿيڻ تي رد عمل ڏيندا، انهن سمورن عالمي ڪرڪيٽرز جو ٿورو مڃون ٿا جيڪي ان ڏکيي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف ففٿ جنريشن هائبرڊ وار ۽ ميڊيا وار ٿي رهي آهي، جڏهن تحريڪ لبيڪ جو احتجاج ٿي رهيو هو ان کي ڀارت مان سپورٽ ملي، سوشل ميڊيا وار فيئر قائم ڪيو ويو، ٽوئيٽس ٿيا، تحريڪ لبيڪ ۾ ماڻهن پنهنجي عقيدي ۽ احترام جي ڪري شامل ٿيا پر اهي ڪهڙي طريقي سان استعمال ٿيا ان جو کين خبر ئي نه پئي، وفاقي وزير دورو ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه حقيقتون پيش ڪندي چيو ته 19 آگسٽ 2021ع تي احسان الله احسان جي نالي سان هڪ جعلي فيس بڪ آءِ ڊي ٺاهي وئي جنهن سان هڪ فيس بڪ پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته ”نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ۽ نيوزي لينڊ جي حڪومت ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان نه موڪلي، ڇو ته سيڪيورٽي صورتحال پاڪستان ۾ بهتر نه آهي، جيئن ته خبر آهي ته داعش پاڪستان ۾ وڏا ٽارگيٽ ڳولهي ڪري رهي آهي تنهن ڪري اهو ٽارگيٽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم به ٿي سگهي ٿي، داعش پنهنجي موجودگي ظاهر ڪرڻ ۽ ميڊيا جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو قدم کڻي سگهي ٿي. ان پوسٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو ته آئون ڄاڻان ٿو ته داعش ان پوسٽ کان پوءِ مون سان ناراض ٿيندي پر مون کي ڪرڪيٽ پسند آهي ۽ آئون راند جي حق ۾ آهيان، مون کي جيڪو چوڻو هو اهو چئي ڇڏيو، هاڻي اها نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪم آهي ۽ نيوزي لينڊ جي حڪومت کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. احسان الله احسان ٽي ٽي پي جو اڳوڻو ترجمان.“ اطلاعات واري وفاقي وزير  ٻڌايو ته پهرين پوسٽ 19 آگسٽ 2021ع تي فيس بڪ تي آئي، ان کان پوءِ 21 آگسٽ 2021ع تي ڀارتي اخبار سنڊي گارڊين جي بيورو چيف اڀي نندن مشرا هڪ آرٽيڪل شايع ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، اهو آرٽيڪل احسان الله احسان جي فيڪ پوسٽ جي بنياد تي لکيو ويو، اڀي نندن مشرا سنڊي گارڊين انڊيا جي بيورو چيف آهي ۽ سندس ڪيترائي مضبوط لنڪ امر الله صالح سان آهن جيڪو افغانستان جو اڳوڻو اين ايس اي رهيو آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته 19 آگسٽ تي پوسٽ رکي وئي ۽ ان جي بنياد تي 21 آگسٽ تي ڀارتي اخبار ۾۾ آرٽيڪل لکيو ويو ته نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي خطرو آهي، 24 آگسٽ 2021ع تي نيوزي لينڊ جي اوپنر مارٽن ڪپٽل جي گهرواريءَ کي تحريڪ لبيڪ جي هڪ اي ميل آءِ ڊي تان ڌمڪي واري اي ميل موڪلي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته مارٽن ڪپٽل کي پاڪستان ۾ قتل ڪيو ويندو،  ٽوٽن ميل تي اها اي ميل آءِ ڊي 24 آگسٽ 2021ع تي رات هڪ لڳي 5 منٽن تي ٺاهي وئي، صبح  11 لڳي 59 منٽن تي ان اي ميل تان مارٽن ڪپٽل جي گهرواريءَ کي اي ميل ڪئي وئي، ان اي ميل اڪائونٽ تان هن وقت تائين رڳو هڪ ئي اي ميل جنريٽ ٿي جيئن ته اها اي ميل آءِ ڊي ٽوٽن ميل تي ٺاهي وئي، جيڪا سيڪيور ميل سروس آهي، ان جا تفصيل نه ٿا ملي سگهن، اسان انٽرپول کي درخواست ڪئي آهي ته هو ان اي ميل آءِ ڊي جا تفصيل اسان کي ڏياري ۽ ٻڌائي ته اها اي ميل ڪيئن ٺهي، هن ٻڌايو ته انهن سڀني واقعن جي باوجود نيوزيلينڊ ٽيم پنهنجو دورو ملتوي نه ڪيو ۽ 11 سيپٽمبر تي نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي پهچي به وئي، پريڪٽس سيشن به ٿيا پر پوءِ ميچ کان اڳ 17 سيپٽمبر تي نيوزي لينڊ خواهش ظاهر ڪئي ته اسان اهو دورو پنهنجي حڪومت جي هدايت تي ختم ڪري رهيا آهيون، ان تي اهو دورو ختم ٿي ويو، ٽيم واپس هلي وئي، 18 سيپٽمبر 2021ع تي انٽرپول ولنگٽن انٽرپول اسلام آباد کي حمزه آفريدي جي نالي سان هڪ پوسٽ جي باري ۾ ٻڌايو جيڪا نيوزيلينڊ جي وقت موجب 6 لڳي 25 منٽ ۽ پاڪستاني وقت موجب 17 سيپٽمبر رات 11 لڳي 25 منٽن تي ڪئي وئي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ڌمڪي ڏني وئي ته انهن دورو ڪري غلطي ڪئي آهي، اي ميل جو جائزو ورتو ويو ته اها اي ميل آءِ ڊي جي ٺاهڻ جي 15 منٽن کان پوءِ ان تان هڪ اي ميل موڪلي وئي. جڏهن اسان ان اي ميل جي جاچ ڪئي ته اها اي ميل ڀارت سان تعلق رکندڙ هڪ ڊوائيس تان موڪلي وئي، جنهن ۾ بي پي اين جو استعمال ڪري هنڌ تبديل ڪري سنگاپور ڪيو ويو هن ٻڌايو ته اي ميل جي لاءِ استعمال ٿيل موبائيل ڊوائيس 2019ع ۾ ڀارت ۾ لانچ ٿي، موبائيل سم 25 سيپٽمبر 2019ع تي اوم پرڪاش مشرا جي نالي تي رجسٽر ٿي، ان جي يوزر جي به تصديق ٿي چڪي آهي، اوم پرڪاش مشرا ممبئي مهاراشٽر کان حمزا آفريدي جي فيڪ آءِ ڊي استعمال ڪئي، گهرو وزارت ان تي هڪ ايف آءِ آر داخل ڪري رهي آهي، انٽرپول سان به رابطو ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان اها صرف پاڪستان جي خلاف مهم نه پر عالمي سطح تي ڪرڻ واري سازش آهي، عالمي ادارا خاص طور آءِ سي سي کي اهڙي طرح جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. جيستائين برطانيا جو تعلق آهي ان جو سفير واضح ڪري چڪو آهي ته برطانيا جي ايڊوائيزي پاڪستان جي باري ۾ تبديل نه ٿي رهي آهي، هن پاڪستان کي گرين لسٽ ۾ ئي رکيو آهي، برطانيا جي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ايجنسين کي پاڪستان جي اندر خدشن تي ڪو به اعتراض نه آهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جا اعتراض سمجهه کان مٿانهون آهن اهو وڏو ڪمزور بهانو آهي، اسان پي ٽي وي کي ٿيندڙ نقصان جو اندازو لڳائي رهيا آهيون، اسان جي قانوني ٽيم اجازت ڏني ته اسان اهو معاملو کڻنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايف آءِ اي ان معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي، ان ۾ انٽرپول به شامل آهي، پي سي بي پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت پنهنجي پنهنجي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو