اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب 47 ڄڻا فوت، 2333 نوان ڪيس، سنڌ ۾ 15 ڄڻن جون حياتيون ضايع، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 4.56 سيڪڙو رهي، فعال ڪيسن جو انگ، 61947 تي پهتو، ٻئي طرف وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ ويڪسين نه لڳائيندڙن کي ڪيتريون ئي سهولتون نه ملي سگهنديون، هن چيو ته جيڪي ماڻهو ويڪسين نه ٿا لڳائي اهي هوائي سفر نه ڪري سگهندا، شادي تقريبن ۽ شاپنگ مال ۾ به نه وڃي سگهندا، انهن کي هوٽل ۾ ويهي کائڻ يا کاڌو کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، هوٽل يا گيسٽ هائوس ۾ به رهڻ جي اجازت نه ڏيندي ويندي، ٻئي طرف سکر پوليس مارڪيٽن، شاهراهن ۽ چوراهن تي ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪيو، سرٽيفڪيٽ نه هجڻ تي 100 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته ايس ايس پي موجب ويڪسين سرٽفڪيٽ نه رکندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ کين جيل موڪليو ويندو، هر ماڻهو پاڻ سان ڪورونا ويڪسينيشن جو ڪارڊ رکن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7310 ٿي ويو آهي جڏهن ته 14751 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 784 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7310 تائين وڃي ٿو جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 14751 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 784 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 5.3 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5908680 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 452328 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 91.8 سيڪڙو يعني 415127 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 148 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 29891 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 29261 گهرن ۾، 38 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 592 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 530 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 37 ڄڻا وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيا ويا آهن. بيان موجب 784 نون ڪيسن مان 395 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع سينٽرل 123، اوڀر 110، ڪورنگي 47، ڏکڻ 43، اولهه 37 ۽ ملير 35 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 63، سجاول 41، شهيد بينظير آباد 40، بدين 35، مٽياري 26، ٽنڊو محمد خان 25، سانگهڙ 24، ٿرپارڪر ۽ ٺٽو 18-18، ميرپورخاص 16، دادو ۽ ٽنڊوالهيار 14-14، لاڙڪاڻو 10، خيرپور 7، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد 2-2، ڪشمور، سکر، شڪارپور، عمرڪوٽ ۽ نوشهروفيروز 1-1 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
110