اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تعليمي بورڊ ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ پروموشن پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ فيل سمورا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پاس ڪيا ويندا، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ فيل سمورا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پاس ڪيا ويندا، وفاقي بورڊ پروموشن پاليسي جاري ڪري ڇڏي، نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جي شاگردن کي لازمي مضمونن ۾ مارڪون اختياري مضمونن جي مارڪن جي بنياد تي ڏنيون وينديون، لازمي مضمونن ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ مارڪون ڏنيون وينديون، فيل ٿيل سڀني شاگردن کي 33 سيڪڙو مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويندو، ٻارهين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کي مارڪون نائين ۽ يارهين جي بنياد تي ملنديون، پريڪٽڪل وارن مضمونن ۾ 50 سيڪڙو ڏنا ويندا، نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو وتو ته پريڪٽڪل مضمونن ۾ باقي 50 سيڪڙو مارڪون ٿيوري جي بنياد تي ملنديون، غير حاضر رهندڙ غير حاضر تصور ڪيا ويندا، پاليسي کان هٽي ڪري ڪنهن به ڪيس ۾ فيصلو ڪرڻ جو اختيار لاڳاپيل بورڊ جي چيئرمين کي ڏنو ويو آهي.
134