111

جمهوريت سمورن ملڪن جي عوام جو حق آهي، ٻاهرين فوجي مداخلت نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي: چيني صدر

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو 76هون سيشن اڃا تائين جاري آهي، مختلف ملڪن جي سربراهن خطاب ڪيو، ان موقعي تي چين ڪوئلي مان توانائي حاصل ڪرڻ جا منصوبا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، چيني صدر شي جن پنگ خطاب ڪندي چيو ته جمهوريت سمورن ملڪن جي عوام جو حق آهي، ٻاهرين فوجي مداخلت نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي، اسان کي امن، ترقي، انصاف، جمهوريت ۽ آزادي تي ٻڌل گڏيل قدرن کي ڀرپور طريقي سان هٿي ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان پرڏيهي ملڪن جو ڪو به نئون ڪول پاور پراجيڪٽ شروع نه ڪنداسين، ملڪ جي ڪاميابي جو اهو مطلب ناهي ته ٻيو ملڪ ناڪام ٿي وڃي، ان موقعي تي خطاب ڪندي ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته ڪشمير حل ٿيندڙ تڪرار آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام ۽ امن جو ضامن آهي، گڏيل قومن جي قرارداد تحت مسئلو حل ڪيو وڃي، خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ مسئلي کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب دوران ايران تي لاڳو آمريڪي پابندين تي شديد تنقيد ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق هن چيو آهي ته ايران هاڻي ان صورت ۾ ئي ايٽمي معاهدي جي ڳالهين ۾ شامل ٿيندو جڏهن اهي ڳالهيون تهران تي لاڳو پابندين جو ازالو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن پنهنجي تقرير ۾ ڪابل ايئرپورٽ ۽ واشنگٽن ۾ ڪيپيٽل هل جو حوالو ڏيندي چيو ته آمريڪي نظام جي داخلي ۽ خارجي سطح تي ڪا صداقت ناهي. رئيسي افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ جي باري ۾ چيو ته ٻين کي اولهه جي شناخت ڏيڻ جو منصوبو ناڪام ٿي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو