نوشهروفيروز (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اعلانيل کليل ڪچھرين جي سلسلي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي ۽ فشريز کاتي جي صلاحڪار سلمان مراد ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو کليل ڪچھري لڳائي عوام جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون ڏنيون. کليل ڪچھري ۾ علائقي جي ماڻھن پوليس، بلديات، صحت، تعليم سميت مختلف کاتن خلاف شڪايتون ڪيون، جڏھن ته پبلڪ ھيلٿ کاتي، تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن، اين سي ايڇ ڊي جي استادن پڪو نه ڪرڻ ۽ ڳوٺ طالب سولنگي جي رھواسي شاگرد پٽ شفيق سولنگي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف کليل ڪچھري ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا. کليل ڪچھري ۾ دريا خان مري جي رھواسي جيئند خان دانھيو ته پوليس چڙھائي ڪري دڪان مان سامان کڻي وئي آھي. ڳوٺ طالب الدين سولنگي جي رھواسي پيرسن خان محمد سولنگي ۽ مقتول شفيق سولنگي جي ماءُ چيو ته ڀريا پوليس پٽ شفيق سولنگي کي گھر مان گرفتار ڪري وئي ۽ ڪوڙي مقابلي ۾ بيگناھه ماري ڇڏيو، جوابدار گرفتار ناھن ٿي سگھيا ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. شھري امتياز سومرو دانھيون ته سول اسپتال نوشهروفيروز کي 30 سال گذرڻ باوجود به ضلعي اسپتال جو درجو نه مليو آهي، اسپتال جا 95 ڊاڪٽرن غائب آھن جنھن ڪري شھري علاج جھڙي بنيادي سھولت کان محروم آھن، سڄي شھر ۾ گندگي آھي، شھر جو ڊرينيج نظام تباھه آھي. شھري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھن. مورو جي رھواسي طاھرالدين راجپوت دانھيو ته مورو ۾ بدامني وڌي وئي آھي، روزانو موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ٿي رھيون آھن، ھيروئن، چرس، آفيم جو وڪرو سرعام ٿي رھي آھي. نوشھري جي شھري رياض احمد دانھون ڪيون ته نوشهروفيروز جا بلڊر شھرين کي ٺڳي ڪري رھيا آھن، جعلي رجسٽريون ڪيون وڃن ٿيون. اين سي ايڇ ڊي جي استاد خان محمد ملاح چيو ته اين سي ايڇ ڊي جا استاد 17 سالن کان اسڪولن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن. وزير اعلي سنڌ استادن جي پگھار وڌائي 25 ھزار ڪئي آھي پر اڃا تائين استادن کي پڪو نه ٿو ڪيو وڃي. ڳوٺ راضي خان کوسو جي رھواسي نذير احمد کوسو چيو ته ڳوٺ جي صحت مرڪز مان مدي خارج دوائون ملي رھيون آھن، اسپتال ۾ اسٽاف به نه ٿو اچي. ڦل شھر جي رھواسڻ پروين چيو ته بااثر ماڻھن گھر تي قبضو ڪيو آھي. انھن منھنجي مڙس کي مارايو آھي، جوابدار گرفتار نه ٿا ٿين، شھري طارق ملڪ ٻڌايو ته نوشهروفيروز ۾ حد دخليون وڌي ويون آهن، هوڏانهن صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي، صوبائي صلاحڪار فشريز سلمان مراد، ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو پريس ڪلب نوشهروفيروز پھتا. جتي خطاب ڪندي صوبائي وزيرن چيو ته پ پ حڪومت پريس ڪلبن ۽ صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رھي آھي. پريس ڪلب نوشهروفيروز جا مسئلا حل ڪيا ويندا، اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سان گڏجي پريس ڪلب جي امداد سان گڏ ان جي عمارت جي پي سي ون منظور ڪرائي ويندي. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر فيروز خان جمالي، فاروق ڀنڀرو، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز تاشفين عالم ۽ ٻيا پ پ جا اڳواڻ به موجود ھئا.
160