146

تڏهن بس ڳوٺ تنهنجي ۾ اسين هڪ ياد هونداسين..!!

ليکڪ: احساس ميرل

زندگي ڇا آهي؟ زندگي خواب آهي، ڪنهن چيو زندگي ڪجهھ گهڙين جي ملاقات آهي، ڪنهن چيو زندگي هڪ اسٽيج آهي جنهن ۾ هر ڪو پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائي هليو وڃي ٿو، ائين به هوندو پر منهنجي خيال ۾ زندگي هڪ لاري آهي ان لاري جي سفر ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي اسٽاپ تي لهي وڃي ٿو، شايد اُنهيءَ ڪيفيت ۾ مون هي شعر لکيو هو ته

هر ڪنهنجو اسٽاپ الڳ آھي،

دنيا آهي لاريءَ وانگي.

ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ جا پنهنجا پنهنجا واسطا ۽ تعلق هوندا آهن، هونئن چيو وڃي ٿو ته رت جا رشتا ڏاڍا مضبوط ۽ پيارا ٿين ٿا پر منهنجي خيال ۾ روح جي رشتن جي ڳالهھ ئي الڳ آهي، تڏهن ته ائين ٿئي ٿو ته ڪو سڄڻ اسان کان جُدا ٿئي ٿو ته جيءُ جڏو ٿيو پوي، مون اڳي به ڪافي هنڌن تي لکيو آهي ته جيڪي روح عالم ارواح ۾ گڏ هئا اهي دنيا ۾ به هڪ ٻئي کي ڳولي لهن ٿا، ان لاءِ آئون سمجهان ٿو ته ٽنڊو الهيار منهنجو گهر آهي، جتي فقير محمد انڙ کان ويندي ادا غلام رسول درس ۽ غلام رسول نهڙيو هجي يا ڀاءُ محمد علي ميرجت ڄڻ ته گهرجا ڀاتي آهن پر انهن ۾ وري ڀاءَ نصير سان منهنجو روح جو ڳانڍاپو هو، شايد 2004 ع جو سال آهي نصير مونکي هڪ ادبي خط لکيو جيڪو مونکان وڃائجي ويو هو نصير جڏهن به ملندو هو چوندو يار احساس اهو مون وارو خط ته ڏيکار، مونکي ائين لڳندو آهي ته مون زندگي ۾ دوست گهڻا ٺاهيا آهن پر نصير کي مون نه پر نصير مونکي پنهنجو دوست ٺاهيو، نصير وڏو بردبار انسان هو مونکي ياد ٿو اچي منهنجي ڪتاب ”مان شهر اڏيري ٽيشڻ جو “ جو مهورتي پروگرام هو مون ڀاءَ محمد علي کي چيو يار نصير کي ضرور وٺي اچجان، محمد علي چيو تون پاڻ چوينس، مون نصير کي چيو نصير تون پروگرام ۾ ضرور کپين يڪدم چيائين آئون بلڪل ايندس ۽ تنهنجي پروگرام جي رڪاڊنگ به ڪنداسين، محمد علي ميرجت کان خبر چار ٿي چيائين نصير ڏاڍو مصروف آهي، پروگرام ۾ مشڪل اچي، چيومانس نصير ضرور ايندو، خير پروگرام شروع ٿيو، ٿوري دير کان پوءِ ڀاءَ نصير، غلام رسول درس، جان محمد ۽ ڪُجهھ ٻيا دوست پهتا، نصير چيو يار احساس تون چوين ۽ آئون نه اچان ائين ٿي سگهي ٿو؟ خير اهي ته هيون نصير جون محبتون جيڪي زندگي ڀر ياد رهنديون، دوستو! منهنجي خيال ۾ ڪنهن به تنظيم جو دارو مدار اڳواڻ تي هوندو آهي، آئون سمجهان ٿو ٽنڊو الهيار سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا جو نصير سپهھ سالار هو جتي نصير وڃي ته ان پروگرام کي چار چنڊ لڳي ويندا هئا، هڪ دفعي نصير کي ڀوڳن ڀوڳن ۾ چيم يار تنهنجي شاعري ۾ وزن بحر جي ڪافي کوٽ آهي، مُرڪي چيائين اڙي يار احساس تون ڇڏ وزن بحر کي خيال ڏس، نصير جڏهن اهو نظم پڙهندو هو، تڏهن بس ڳوٺ تنهنجي ۾ اسين هڪ ياد هونداسين، ته سَچي ڳالهھ اها آهي ته تڏهن ايترو اندازوئي نه هو ته ڀاءَ نصير اسان کان ايترو جلدي ڏُور هليو ويندو. سندس تدفين ۾ جڏهن قبرستان پهتاسين ته خبر پئي ته ڀر ۾ دين محمد شاھه جي مزار آهي، نصير ته پهريائين چئي ويو هو ته” گسن تان ڌوڙ پئي اڏندي، امڙ جي ڀر دينو شاھ جي دڳن ۾ دفن ٿيندس“ ڪيڏو نه سچ چئي ويو نصير، بس يار مون کي ائين ٿو لڳي ته ٽنڊو الهيار جي خوبصورت منظرن کي نظر کائي وئي، هڪ پاسو ڀاءَ نصير جي ڪري خالي ٿي ويو ۽ ٻيو پاسو ڀاءَ مٺو خان ميرجت جي ڪري خالي ٿي ويو، ادا مٺو خان ميرجت به پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ اوڙي پاڙي لاءِ ڇپر ڇانو هو. ڪنهن ڪيڏو نه سچ چيو آھي ته؛

ڄڻ نظر لڳي ويئي، هِن گهر جي بَهارن کي.

ڪو نانگ سراپي ويو، ڪينجھر جي ڪنارن کي.

اڄ جڏهن ٽنڊو الهيار جي حدن ۾ داخل ٿجي ٿو ته سچ پچ هڪ ڊگهي ويرانگي وڪوڙيو وڃي، اڄ به ڀاءُ نصير جا ٽهڪ ۽ ڀاڪر تصور جي ڪُن ۾ غوطا کائين ٿا. منهنجي دُعا آهي ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ سندس عزيزن کي صبر جي توفيق ڏي آمين ثم آمين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو