167

سنڌ نه سنبري سک، اڀري سج لهي ويا…

ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو

سر زمين سنڌ ايتري اوائلي آھي، جيتري ھيءَ ڪائنات جھوني آھي، جيئن انسان پنھنجن عقيدن موجب ڄمڻ سان ئي پنھنجو مقدر ۽ نصيب گڏ کنيون ايندو آھي،بعد ۾پنھنجن ڪاوشن ۽ ڪوششن سان پنھنجون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون انھن نصيبن سان سلھاڙيندو آھي، اھڙي طرح ھتان جي انسان کي جنم ڏيندڙ ھيءَ سنڌ ڌرتي به پنھنجي جنم سان ئي ڪئين خوبيون ۽ خاصيتون پاڻ سان کڻي آئي آھي، جنھن مان ڪي خوبيون ته ظاھر ظھور ڏسجن پيون ۽ ڪي نعمتون وري سندس پيٽ ورن ۾ سانڍيل آھن، جيڪي ھن پنھنجي ھر قسم ۽ نسل لاءِ سيني ۾سانڍي رکيون آھن، جن کي ضرورت وقت سندس اولاد ڪتب آڻيندو آھي، ڌرتي جي اھا وڏي خاصيت آھي ته اھا پنھنجون سڀ نعمتون پنھنجي اولاد لاءِ سنڀالي رکندي آھي، اھڙي طرح تخليق ڪائنات جو سنڌ ڌرتي به ھڪ حصو آھي، جھڙي طرح وڏڙا چئي ويا آھن ته ڳيري جي وک تي به زمين جي خاصيت جو فرق ھوندو آھي، اھڙي طرح سنڌ جي سرزمين جو باقي ڪائنات کان نمونو ۽ نصيب الڳ آھي، اڄ تائين دنيا جون ڪيئي ڌرتيون آباد ۽ برباد ٿينديون رھيون آھن، پر دنيا جي تاريخ گواهه آھي ته سنڌ جي ڌرتي طبعي طور تي نه ته ڪڏھن گم ٿي آھي، نه وري ڀڙڀانگ ۽ ويران ٿي آھي، سنڌ جي بيھڪ ان جي خالق ڪجهھ اھڙي بيھاري آھي، جا ٻارھو ئي سرسبز ۽ شاداب رھي ٿي، جتي ھر قسم جي جيوت کي روزي لاءِ رزق ۽ رھڻ لاءِ جاءِ مليو وڃي، انھيءَ ڪري ھميشه کان وٺي ھر ساھدار جو رخ روزي ۽ رھائش لاءِ سنڌ ڏانھن رھيو آھي، ڪنھن وقت ۾ ھيءَ ڌرتي شينھن جي سرزمين به رھي آھي، طاقتور ۽ ڪمزور واري ڇڪتاڻ وارو تصور ته ازل کان ھلندو اچي ٿو ۽ ابد تائين جاري رھندو، ڪن کي گھڻي گڏ ڪرڻ جو خفت ته ڪنھن کي ھجڻ واري شيءِ جي کسجي وڃڻ جو خوف دامن گير رھي ٿو، ان ڪري ڪو کسڻ لاءِ ھنر ھلائي ٿو ته ڪو وري بچائڻ لاءِ بيقرار رھي ٿو، اھو سلسلو سنڌ ۾ صدين کان رائج آھي، ھن وقت تائين جي سائنسي کوجنا ان ڳالهھ تي متفق آھي ته ڌرتي گول آھي، جنھن ڪري منجھس رھندڙ ھر جاندار ۽ بي جان شيءِ سندس مدار ۾گويا محو گردش آھي ۽ پنھنجي مقرر جاءِ تان ھٽي ڪري مدار کان ٻاھر نٿي نڪري، جيڪڏھن ڪابه شيءِ مدار کان موڪلائي ٻاھر نڪري وڃي ته سندس وجود ئي خطري ۾ پئجي وڃي، اھو ته سنڌ ڌرتيءَ جي حياتي جو ٿلھه باقي اڳتي جو قصو ھر ڪھاڻيڪار پنھنجي معلومات ۽ آگاھيءَ آڌار ٻڌائي ٿو، باقي ان ڳالهھ تي سڀ مؤرخ متفق آھن ته سنڌ جو خطو ازل کان وٺي ھڪ وسيع ڌرتيءَ تي ٻڌل رھيو آھي، جنھن ۾ انساني حرفت، ھوڙھيائي ۽ ھوس وقت بوقت جاگرافيائي تبديليون ڪرائيندا رھيا آھن ۽ تا دم ابد ائين ٿيندو به رھندو، اھو ان ڪري به ضروري ھجي ٿو ته انساني ضرورتون اوليت ۾رھن ٿيون، سنڌ کي سندس فطري حسن ۽ انساني جياپي لاءِ ججھن وسيلن جو ھجڻ به آھي، جنھن ڪري سنڌ سدائين ڏچن ۾ رھي ٿي، انھن ڏچن سبب ئي ننڍي کنڊ جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي قائم رھڻ واري سنڌ اڄ ان حال ۾ آھي جو پنھنجن وارثن ۽ وسيلن بچائڻ ۾ به ھلاڪ آھي، سنڌ جمالياتي ۽ جاگرافيائي حوالن سان دنيا کان گھڻي ڀاڱي مختلف رھي آھي، امن پسندي سنڌ جي خاص ڪمزوري ۽ خاصيت آھي، جنھن ڪري ھر تڙيل ۽ ڀٽڪيل جو منھن سنڌ ڏانھن رھي ٿو، ڇو جو کين ھتي اچڻ ۽ رھڻ ۾ڪا خاص ڏکيائي نٿي ٿئي، سنڌ کي سونھن ۽ مالي وسيلا بي مثال آھن، ھر قسم جي موسم آھي، سنڌ ھر قسم جو اناج ۽ ميوا اپائي ٿي، سنڌ جا وارث جنگجو ۽ ڦورو ناھن، ڪي ڪڌيون رسمون ته اسان تي پاڙي ۽ ٻاھران آيل مھربانن مڙھيون آھن، ميداني، جابلو، وارياسو ۽ سامونڊي علائقا مڙي ڪري سنڌ کي عظيم ۽ خوبصورت جاگرافي ڏين ٿا، دنيا جي عظيم درياهن جو مھندار سنڌو درياهه سنڌ جي سيني کي سيراب ڪري ٿو، امن ۽ روزگار سنڌ ۾ايترو ججھو آھي جو ڪو به مقامي سنڌي سنڌ مان ھجرت نٿو ڪري، ماضيءَ کان حال تائين سنڌ جي خوشحالي ۽ سونھن جا دشمن اھي جنگجو، ڦورو ۽ ويڙھاڪ قبيلا ۽ ٽولا رھيا آھن، جيڪي وقت بوقت سنڌ تي ڪاھون ڪري ڦري لٽي تاراج ڪندا رھيا آھن، رڳو سڪندر اعظم مقدونيءَ کان ڪاھن جو ليکو ڪيون ته سڪندر کي سنڌ جي سياحت جي سڪ ڪانه ڦاٽي ھئي، پر ھو سنڌ جي سونھن، مالي ۽ قدرتي وسيلن جي واکاڻ ٻڌي ڇتو ٿيو ھو، ايترو بي حوصلو ھو جو تڪڙ ۾ سيوھڻ وٽان ڪٿي سنڌؤ ۾ ٻڏو ھو ۽ پوءِ اتان موٽ کاڌي ھئائين، سنڌ جي سڪار ۽ سونھن جي ھاڪ ان وقت يونان کان مصر تائين پھتل ھئي، سڪندر جي ماءُ سنڌ جي مورن جي سونھن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ماڻھن جي حسن جو اندازو لڳائي تعريف ته ڪئي پر سڪندر کي سنڌ تي حملي کان روڪي سنڌ ۽ سنڌين جي ڏکن جو درمان ته نه ڪيو، آخر ته ھڪ ڦورو جي ماءُ ھئي، ان کان پوءِ به سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن جي دشمنن جي وڏي قطار ٺھي ٿي، جنھن ۾ شامل ڦورو سنڌ جي سونھن ۽ مالي وسيلن جا دشمن رھيا آھن، ايڏن ظلمن ۽ زيادتين جي باوجود به تاريخ ڪٿي به اھو ٻڌائڻ کان لاچار آھي ته سنڌين ڪو سنڌ کي پٺي ڏئي اجتمائي طور ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھجرت ڪئي ھجي! ڪڙھيا آھن، ڪڇيا آھن، لڇيا آھن، وس آھر وڙھيا آھن، ماريا آھن ته به دفن سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ٿيا آھن، سڄو ٺٽو مڪلي، سونڊا، مياڻيءَ جو ميدان، روھڙي، سکر، بکر، موھن جو دڙو ۽ ميان نصير محمد ڪلھوڙي وارا قبرستان اڄ به ان جا شاهد آھن، تاريخ ۾سنڌي ڪٿي به حملي آور نه رھيا آھن، نادر خان دراني، ارغون ترخان، تاتاري، افغان، ابدالي، سوري، منگول، مغل، عرب، انگريز ۽ غلام گھراڻا سنڌ جي ڦرلٽ ۽ قتل عام جا ڏوھاري آھن، تاريخ جي وڏي زورآوري اھا به آھي ته سندن پونئير اڄ به ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ سنڌ ۽ سنڌين جا ويري به آھن ته واھرو به، برمي، بنگالي، بھاري، افغاني، اسلام ۽ مسلمانيءَ جي حب ۽ محبت ۾ سنڌ ۾ ڪونه ٿا اچن، سنڌ جي سونھن ۽ وسيلا ڏسي سندن ھنيانءُ ھرکي پوي ٿو، ان دلالپ ۾ بظاھر اسان جا ڪي پنھنجا ديس دروھي به ساڻن شامل آھن، ھينئر سنڌ ”منھن ڪنئري ڳٽا پٽائي“ جي مثال جيان آھي، احساس ۽ انصاف جي مري وڃڻ ڪري دنيا جي ڦورن جي نظر ۾ سنڌ ڄڻ پنھنجي دشمن پاڻ آھي، ان ڪري ئي ته سنڌ جا گھوڙا ڙي گھوڙا ۽ بغداد ڙي بغداد وارا واڪا دنيا ته ڇا پنھنجا به ڪونه ٿا ٻڌن پيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو