124

چونڊن لاءِ ووٽنگ مشين ۽ اسان جو عوام…

ليکڪ: رياض ابڙو 

حڪومت جا قدم جي شروع کان ئي صحيح ۽ اصولي بنيادن تي هجن ها ته پوءِ اعتبار به ڪري سگهجي پيو ته هي جيڪي به چون ٿا اهو سورنهن آنا سچ آهي ۽ انهن جي قول ۽ فعل ۾ بلڪل به تضاد ناهي، اهي جيڪو چون ٿا ان جي پٺيان انهن جي نيت ٺيڪ آهي ۽ اهي حڪمران واقعي ئي نيڪ نيت آهن ڇو ته هنن ته اهو به چيو ته هي ايندا ته ملڪ ڪرپشن کان پاڪ ٿي ويندو، هن جي ايندي ئي آءِ ايم ايف جي قرضن کان ملڪ آجو ٿي ويندو، روزگار، صنعتون، فيڪٽريون، امپورٽس، ايڪسپورٽس، جي ڊي پي ۽ ماڻهن جي في ڪس ڪمائي وڌي ويندي، خوشحاليءَ برپا ٿي ويندي پر هنن ته اچڻ سان قرض جا ڪستا کڻي امدادن جي باھ ٻاري ڏني، وري هي ته بيڪار خارجي پاليسي کڻي آيا جنهن جي ڪري افغان پاليسي اسان جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، وري بجيٽ جي مٿان نوجوان ڪامياب پروگرام اسڪيم ۽ احساس پروگرام جهڙن پروجيڪٽس جي لاءِ ٽرلين رپيا سيڙائي ناڪام پروجيڪٽس ۾ بجيٽ لٽائي چٽ ڪئي وئي، معنيٰ ته اهڙو ڪو به صنعتي انقلاب ۽ تعليمي انقلاب برپا نه ٿي سگهيو، ته پوءِ هي آئين، آرٽيڪلن ۽ شقن سان هروڀرو جي راند ڇو؟ پوءِ ان ڪري اليڪشن جا رفارم به ڪنهن ڪم جا ناهن، ان ڪري جو اهي اليڪٽرانڪ مشينون ان کان پهرين ڪينيا، نميبيا، نائجيريا ۽ بنگلاديش جهڙن وچٿرن ملڪن ۾ به آزمائي چڪا آهن، جيڪو سسٽم فيل آهي، ڀارت ۾ اهو ووٽن جو انگريزي سسٽم 2010 ۽ 2019 واري اليڪشن ۾ به آزمائي چڪا آهن يا اهو مشيني سسٽم آمريڪا، ڪيناڊا، ناروي، جرمني، آسٽريليا، آسٽريا ۽ آئرلينڊ وغيره ۾ به آزمائجي چڪو آهي ۽ اهو ان ڪري به فيل آهي ۽ ان تي اعتماد ۽ اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي جو رسڪ فيڪٽر قومي ليول تي کڻڻ مشڪل ڪم آهي، ان جا تمام گھڻا فيڪٽرز ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن 37 اعتراض واريا آهن جيڪي ٽيڪنيڪلي جائز آهن، ميڊيا ۾ ان ڳالهھ تي ايتري ته ڊبيٽ ٿي آهي جيتري افغان وار ۽ طالبان جي انقلاب تي ٿئي پئي، هر ڳالهھ ۾ حڪومت پنهنجي نه ٿي هلائي سگهي ۽ هيل تائين اهو به ڏٺو ويو آهي ته هنن کي جيڪي به وڻيو آهي اهو هنن ڪيو آهي، ڇو ته هنن جي پٺيان اهي هٿ آهن، جيڪي سائنس ۽ آلجبرا کڻي اچن ٿا ۽ هي انڪار نٿا ڪن، پر هيل ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حڪومت جي آڏو اهڙا ته ٽيڪنيڪل آپشن رکيا آهن جو هي وفاق وارا لاجواب ٿي ويا آهن، هنن وٽ ڪو اهڙو جواب ناهي جيڪو اليڪشن ڪمشن کي چپ ڪرائي سگهي، سواءِ ان جي ته هنن جا وزير رڳو اهو چئي سگهن ته ”اهڙي آفيس کي باھ ڏئي ڇڏيو“ ۽ اهو به واضع آهي ته هن سرڪار جي مدي ۾ باقي ٻه سال مس وڃي بچيا آهن، هي سرڪار اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 50 ترميمون چاهي ٿي جيڪي هنن آڪٽوبر 2020ع جي دوران ئي متعارف ڪرايون هيون، جيڪي هنن جي ارادي ۽ نيت مطابق مئي 2021ع ۾ پاس ٿي وڃن هان، پر مشڪل هو ڇو ته هنن جي اليڪشن ايڪٽ ۾ ايترا ته اعتراض آهن جنهن جي پورائي لاءِ حڪومت وٽ ڪو به خاطرخواھ آپشن موجود ناهي، پوءِ حڪومت بضد ڇو آهي؟ سوال اهو به آ ته هن جي اچڻ سان ڪهڙو صنعتي انقلاب برپا ٿيندو؟ هن جي اچڻ سان ڪهڙو ناڻي تي مثبت اثر پوندو، هن جي اچڻ سان ملڪ ڪهڙو عالمي سطح تي سرخرو ٿيندو، هن جي اچڻ سان ڪهڙو عوام ۾ خوشحالي ايندي، ٿيندو ڇا؟ جي ڪجھه به ناهي ٿيڻو ته ڪاغذي ووٽ ڀلو آهي، انهن مشيني ووٽن تي ڪنهن حوالي سان اعتبار ۽ اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي.پر اها ڳالهھ به سمجھه کان ٻاهر آهي ته رڳو ترقي هنن کي آئينن، آرٽيڪلن ۽ شقن سان کيڏڻ ۾ ڇو ٿي لڳي؟ هڪ ته اڳي ئي جيڪا تعليم جي شرح آهي، اها 64 سيڪڙو مس آهي پر ووٽن جي ٽائيم تي اهو ريشو 34 سيڪڙو به ناهي هوندو، پوءِ مشين جي ايتري ايڪسائيٽمينٽ هوندي يا طلسم هوندو جو سڀ جا سڀ ماڻهو رڳو مشين جي ڏسڻ جي جوش ۾ ووٽ ڏيڻ نڪري پوندا؟ اهو ووٽنگ مشين جو انقلاب ڪهڙي سياڻپ آهي، ان ۾ ڪهڙي آلجبرا آهي جو عوام کي سمجهائڻي پوندي، اليڪشن ڪميشن جي ايڪٽ تحت جي هي اها ڳالھه ٿا چون جنهن ۾ سيڪشن 94 (4) جي تحت پارٽين جي رجسٽريشن جي ڳالھه آهي، جنهن ۾ ووٽر رجسٽريشن جو طريقيڪار آهي، عورتن جي مخصوص سيٽن جي ڳالهھ آهي، پر اي وي ايم (اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين) جي ڳالھه سراسر قوم سان ناانصافي هوندي، پوءِ ڀلي اسپنش ميڊ مشين جا ماهر اسپين مان بريفنگ جي لاءِ اچن يا نه اچن يا سڀ سمجهائي وڃن پر ملڪي لٽريسي جي شرح، بجلي جون حالتون، آءِ ٽي جا مسئلا، وائرس، نيٽورڪ، ۽ ٻيا رسڪ فيڪٽر ڪير ڏسندو؟ جن سان قومي نقصان ٿيڻو آهي، انهن جو ازالو ڪير ڪندو؟ ڳالهھ 9.5 ملين اوورسيز جي ووٽن جي ناهي، يا ”فري اينڊ فيئر اليڪشن“ جي ڳالهھ ته ”اي وي ايم سان ئي اليڪشن فري اينڊ فيئر ٿي سگهي ٿي“ پوءِ هن مهل تائين جيڪي به اليڪشنز ٿيون آهن اهي فري ۽ فيئر نه هيون؟ پوءِ ايتري نواڻ جيڪا ڪنهن ڪم جي ناهي جيڪا گھٽ ۾ گھٽ هن قوم سان نه ٿي ڪري سگهجي، جنهن جي سمجهائڻ جي لاءِ پني تي ڇپيل تير، شينهن، مڇيون، ماڪوڙا ۽ گهوڙا به سمجهائڻا پوندا آهن ان قوم کي هروڀرو اهڙي ڌنڌ ۾ گھلڻ زيادتي هوندي.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو