102

ڀارت جي پاڪستان ۽ ڪرڪيٽ دشمني، دنيا نوٽيس وٺي…

ايڊيٽوريل

نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مليل  ڌمڪي جا پيرا ڀارت مان مليا آهن،  وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خلاف ففٿ جنريشن هائبرڊ وار ۽ ميڊيا وار ٿي رهي آهي، وفاقي وزير دورو ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڪجهه حقيقتون پيش ڪندي چيو ته 19 آگسٽ 2021ع تي احسان الله احسان جي نالي سان هڪ جعلي فيس بڪ آءِ ڊي ٺاهي وئي جنهن سان هڪ فيس بڪ پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته ”نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ۽ نيوزي لينڊ جي حڪومت ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان نه موڪلي، ڇو ته سيڪيورٽي صورتحال پاڪستان ۾ بهتر نه آهي، جيئن ته خبر آهي ته داعش پاڪستان ۾ وڏا ٽارگيٽ ڳولهي رهي آهي.پهرين پوسٽ 19 آگسٽ 2021ع تي فيس بڪ تي آئي، ان کان پوءِ 21 آگسٽ 2021ع تي ڀارتي اخبار سنڊي گارڊين جي بيورو چيف اڀي نندن مشرا هڪ آرٽيڪل شايع ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، اهو آرٽيڪل احسان الله احسان جي فيڪ پوسٽ جي بنياد تي لکيو ويو، 24 آگسٽ 2021ع تي نيوزي لينڊ جي اوپنر مارٽن گپٽل جي گهرواريءَ کي تحريڪ لبيڪ جي هڪ اي ميل آءِ ڊي تان ڌمڪي واري اي ميل موڪلي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته مارٽن گپٽل کي پاڪستان ۾ قتل ڪيو ويندو،  ٽوٽن ميل تي اها اي ميل آءِ ڊي 24 آگسٽ 2021ع تي رات هڪ لڳي 5 منٽن تي ٺاهي وئي، صبح  11 لڳي 59 منٽن تي ان اي ميل تان مارٽن گپٽل جي گهرواريءَ کي اي ميل ڪئي وئي، اسان انٽرپول کي درخواست ڪئي آهي ته هو ان اي ميل آءِ ڊي جا تفصيل اسان کي ڏياري انهن سڀني واقعن جي باوجود نيوزيلينڊ ٽيم پنهنجو دورو ملتوي نه ڪيو ۽ 11 سيپٽمبر تي نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي پهچي به وئي، پريڪٽس سيشن به ٿيا پر پوءِ ميچ کان اڳ 17 سيپٽمبر تي نيوزي لينڊ خواهش ظاهر ڪئي ته اسان اهو دورو پنهنجي حڪومت جي هدايت تي ختم ڪري رهيا آهيون، 18 سيپٽمبر 2021ع تي انٽرپول ولنگٽن انٽرپول اسلام آباد کي حمزه آفريدي جي نالي سان هڪ پوسٽ جي باري ۾ ٻڌايو جيڪا نيوزيلينڊ جي وقت موجب 6 لڳي 25 منٽ ۽ پاڪستاني وقت موجب 17 سيپٽمبر رات 11 لڳي 25 منٽن تي ڪئي وئي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ڌمڪي ڏني وئي ته انهن دورو ڪري غلطي ڪئي آهي، اي ميل جو جائزو ورتو ويو ته اي ميل آءِ ڊي جي ٺاهڻ جي 15 منٽن کان پوءِ ان تان هڪ اي ميل موڪلي وئي. جڏهن اسان ان اي ميل جي جاچ ڪئي ته اها اي ميل ڀارت سان تعلق رکندڙ هڪ ڊوائيس تان موڪلي وئي، جنهن ۾ بي پي اين جو استعمال ڪري هنڌ تبديل ڪري سنگاپور ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته اي ميل جي لاءِ استعمال ٿيل موبائيل ڊوائيس 2019ع ۾ ڀارت ۾ لانچ ٿي، موبائيل سم 25 سيپٽمبر 2019ع تي اوم پرڪاش مشرا جي نالي تي رجسٽر ٿي، ان جي يوزر جي به تصديق ٿي چڪي آهي، اوم پرڪاش مشرا ممبئي مهاراشٽر کان حمزا آفريدي جي فيڪ آءِ ڊي استعمال ڪئي، وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان اها صرف پاڪستان جي خلاف مهم نه پر عالمي سطح تي ڪرڻ واري سازش آهي، عالمي ادارا خاص طور آءِ سي سي کي اهڙي طرح جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسان سمجهون ٿا ته اها هڪ انتهائي ڪريل حرڪت آهي، جنهن سان رڳو پاڪستان نه پر ڪرڪيٽ خلاف به سازش ڪئي وئي آهي ۽ اهڙي سازش جو دنيا کي نوٽيس وٺي ڀارت سان نه رڳو ڪرڪيٽ جا لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجن پر ان تي سخت نوٽيس پڻ وٺڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن دشمني  جي آڙ ۾ ان قسم جون حرڪتون ٿينديون رهيون ته پوءِ شايد دنيا جو ڪو به ملڪ ڀارت کان محفوظ نه رهي ۽ اهڙو عمل پرامن دنيا لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو