ڊيره اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏيون مافيائون ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون، ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط ٿيڻ نه ڏنو، ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ چون ٿا ته اسان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو، ملڪ ۽ عوام جي ترقي لاءِ ايندڙ چونڊن جو نه ايندڙ نسلن جو سوچڻو پوندو، وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، پاڻي ذخيرو ڪرڻ، پاڻي جي بهتر استعمال، بنجر زمينون پوکي لائق بڻائڻ ۽ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اهڙي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ته عالمي منڊي جا اثر اسان جي ملڪ ۾ شين جي قيمتن تي نه پون، وزيرستان ۾ محسود ۽ وزير قبائل لاءِ ٻه ضلعا ٺاهينداسين، هن اهڙن خيالن جو اظهار آبادگار ڪنوينشن ۽ آبادگار ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مديني جي رياست جو قيام دنيا جو هڪ تمام وڏو انقلاب هو ۽ اسلام جي نالي کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ جي هو قائل نه آهي، حضور اڪرم ﷺ جي حيات مبارڪ جو مطالعو ڪيو آهي، ڪجهه سالن ۾ ئي مديني جي رياست دنيا جون حالتون بدلائي ڇڏيون، اڄ دين جي عمل نه ڪرڻ جي ڪري اسان جون حالتون خراب آهن، مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ وڏيون مافيائون قانون جي بالادستي نٿيون چاهيون ۽ جيڪي ماڻهو ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻي رهيا آهن اهي چون ٿا ته اسان کي اين آر او ڏيو ۽ غريبن کي پڪڙيو. ماضي جي حڪمرانن نظام کي مضبوط نه ٿيڻ نه ڏنو، سچي ۽ غيرت مند ماڻهو ئي مضبوط قوم بڻائي سگهن ٿا، اسان کي وڏي قوم بڻجڻ لاءِ صادق ۽ امين بڻجڻو پوندو ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻو پوندو ۽ عظيم قوم بڻجڻ لاءِ پنهنجي اخلاق کي بلند ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته نوجوان پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو آهن، پاڪستان ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه آهي، دنيا ۾ ڪنهن جي سامهون هٿ ٽگيندڙن جي عزت نه آهي غيرتمند ماڻهن جي عزت هوندي آهي. رشوت ڏيندڙ ۽ رشوت وٺندڙ ٻنهي جي غيرت ختم ٿي ويندي آهي، رشوت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻاهرين دنيا ۾ ڪو به اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو سوچي به نٿو سگهي پر اسان جي ملڪ ۾ پولنگ ايجنٽس به موجود هوندا آهن پر ان جي باوجود اسان جو ڌيان ووٽرز کي پولنگ اسٽيشن تي آڻڻ کان وڌيڪ ڌانڌلي کي روڪڻ تي هوندو آهي، ٻاهرين ملڪ اربين روپين جون جائيدادون ٺاهيندڙ هاڻي اتي ويـٺل آهن ۽ تقريرون ڪري رهيا آهن پر پنهنجي آمدني جي ذريعن جي هڪ رسيد تائين نٿا ڏيکاري سگهن، اسان مافياز جي خلاف قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون پر گڏوگڏ قوم کي به پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو آهي، قيام پاڪستان جي وقت اسان جي آبادي 4 ڪروڙ کان به گهٽ هئي، اڄ آبادي 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، هلندڙ سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداور ٿيڻ جي باوجود اسان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، اهڙي طرح داليون، گهيي ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون به درآمد ڪندا آهيون، ٻاهرين منڊين ۾ قيمتون وڌڻ سان به مهانگائي ۾ اضافو ٿيو.
109