141

50 هزار ٽن کنڊ درآمد، اسٽيل مل ملازمن کي پگهارن ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي 50 هزار ٽن کنڊ درآمد،  اسٽيل مل ملازمن کي پگهارن ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، رپورٽ موجب ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ اي سي سي اجلاس ٿيو، 8 نڪاتي ايجنڊا تي غور ويچار  ڪيو ويو، جڏهن ته  50 هزار ٽن درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اسٽيل ملز ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جي لاءِ 11 ارب رپين جي پڻ منظوري  ڏني وئي، بچاءُ واري وزارت جي سمري تي  پاڪ فوج لاءِ فنڊز ۽ گهرو وزارت جي سمري تي ايف سي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ فنڊز ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي، جڏهن ته  بلوچستان، سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلستستان ۾ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو