124

نيب 4 سالن ۾ بدعنوان ڌُرين کان 538.8 ارب رپيا وصول ڪيا، سزائن جي شرح 66 سيڪڙو آهي: نيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته پهريون ڀيرو انهن ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو آهي جن کي ڪو ڇوهي به نه سگهندو هو. گذريل 4 سالن دوران نيب 538.835 ارب رپيا بدعنوان ڌُرين کان وصول ڪيا جڏهن ته نيب کي سنگين سزا جي شرح 66 سيڪڙو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن نيب جي مجموعي ڪارڪردگي جي جائزي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده انتظاميه جي دؤر ۾ آڪٽوبر 2017ع کان 31 آگسٽ 2021ع تائين 4 سالن دوران نيب 538.835 ارب رپيا بدعنوان ڌُرين کان وصول ڪيا. هن چيو ته نيب ڪنهن دٻاءُ ۽ تنقيد جي فڪر ڪرڻ کان علاوه بدعنواني جي خاتمي جي پنهنجي قومي فرض کي سرانجام ڏيندو رهندو. هن چيو ته نيب مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس، اختيارن جي ناجائز استعمال، آمدني کان وڌيڪ اثاثن، عوام سان ڪيل دوکن ۽ هائوسنگ سوسائٽي ۽ مضاربه جهڙن ميگا ڪرپشن ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيو آهي، 66 ميگا ڪرپشن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويو آهي، جڏهن ته 93 ميگا ڪرپشن ڪيسن لاڳاپيل احتساب عدالتن ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن. نيب آرڊيننس 1999ع جي شق 16اي تحت معزز احتساب عدالتن ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ ڪيسن جي جلد ٻُڌڻيءَ لاءِ درخواست جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته نيب کي پنهنجي قيام کان هن وقت تائين 4 لک 94460 شڪايتون مليون جن مان 4 لک 87124 شڪايتن کي اُڪلايو ويو. نيب 16093 شڪايتن تي جاچ پڙتال جي منظوري ڏني، 15378 شڪايتن جي جاچ پڙتال مڪمل ڪئي وئي. نيب 10241 انڪوائرين جي منظوري ڏني جن مان 9275 کي مڪمل ڪيو ويو. نيب 4654 انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني جن مان 4358 انويسٽيگيشن مڪمل ڪيا ويا. نيب پنهنجي قيام کان هن وقت تائين 816.793 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا. نيب ان عرصي دوران مختلف احتساب عدالتن ۾ 3754 بدعنوانيءَ جا ريفرنس دائر ڪيا جن مان 2477 ڪيسن جو فيصلو معزز احتساب عدالتن ڪيو آهي. هن وقت نيب جي 1277 بدعنواني جي ريفرنسز مختلف احتساب عدالتن ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن جن جي ماليت 1335.019 ارب رپيا بڻجي ٿي. نيب احتساب سڀني لاءِ جي پاليسيءَ تي عمل ڪندي وڏي مڇين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ميگا ڪرپشن ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پُرعزم آهي. نيب گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي جي ڪنوينشن تحت پاڪستان جو فوڪل ادارو آهي. نيب کي سارڪ اينٽي ڪرپشن جو پهريون چيئرمين منتخب ڪيو ويو. نيب پاڪستان ۾ جاري سي پيڪ منصوبن جي نگرانيءَ لاءِ چين سان مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو