جهوڪ شريف (ويب ڊيسڪ) جهوڪ شريف ميرانپور ۾ پهريون سوشلسٽ معاشرو قائم ڪري هارين جي حقن لاءِ ”ارض الله“ زمين الله جي آهي، ”جو کيڙي سوئي کائي“ جو نعرو هڻي سرمائيدارن کي للڪاري هميشه لاءِ امر ٿيندڙ باغي سوشلسٽ اڳواڻ، صوفين جي سرتاج صوفي شاھ عنايت شهيد جو 313 هون عرس مبارڪ جهوڪ شريف ۾ شروع ٿي ويو آهي. درگاھ جي گادي نشين صوفي عطاءَ الله ستاري مختلف درگاهن جي گادي نشينن ۽ پنهنجي صوفي سنگ سان حويلي کان صوفياڻا ڪلام ۽ ڀڄن ڳائي مزار تي پهچي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقائده افتتاح ڪيو، جنهن کانپوءِ گادي نشين درگاھ جي احاطي ۾ چبوتري هيٺان پلال تي ويهي صوفياڻا ڪلام ٻڌا، صوفي فنڪارن شفيع فقير، سھڻو فقير ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪيو. جڏھن ته ڪرونا سبب ميلي جي ڪابه بازار نه لڳي سگهي آهي. جڏهن ته ميلو صرف صوفياڻي راڳ تائين محدود رکيو ويو آهي.
