ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي حڪومت قومي اسيمبلي جو ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبر پڻ حڪومت جي خراب حڪمراني کان تنگ آھن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي جا ميمبر ڪوڙن جي حڪومت کي ھاڻ ڪلھو ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن، اھڙين ڳالهين جو اظهار ڪالهه ھن سندس ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي، ھن چيو ته وزيراعظم عمران خان نيازي جي مالي سهولتڪارن جي ڪرپشن ڪارڻ حڪومت جا پنهنجا ميمبر به پريشان آهن، ٽن سالن کان پي ٽي آءِ جا اسيمبلي ميمبر وزير اعظم جي ساڳئي تقرير ٻڌي ھاڻ بيزار ٿي چڪا آهن ۽ رڪارڊ مھانگائي ۽ بيروزگاري جي ستائل ماڻهن جي صبر جو پيمانو ھاڻ پورو آهي.
