113

نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ لاءِ ٽي ڪاميٽيون قائم

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي مليڪت نيلام ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو، نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ لاءِ نيب ڪورٽ جي حڪم تي ٽي ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن،جڏهن ته ضلعي انتظاميا ملڪيت جي نيلامي لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي، ضلعي  پرائز اسسمينٽ ڪاميٽي  11سو 28 ڪئنال زمين جو تخمينو چار ارب 15 ڪروڙ لڳائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ملڪيت ڪجهه ڏينهن ۾ نيلام ڪرڻ جو به امڪان آهي، جنهن لاءِ  3 ڪاميٽيون به جوڙيون ويون آهن، ذريعن موجب موضح ميان مير 135 اپر مال تي واقع   2 ڪئنال 8 مرله پلاٽ جو تخمينو 20 ڪروڙ 48 لک 32 هزار ۾ نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موضح ميان مير، مانڪ ۽ بدوڪي ثاني جون ملڪيتون ڪجهه ڏينهن ۾ نيلام ڪرڻ جو امڪان آهي، رائيونڊ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عدنان رشيد کي ڪاميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪينٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ذيشان رانجها کي ڪاميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو