139

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ دعا ڀٽو جي ڳجهي شادي، ٻار ڄمڻ کانپوءِ اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اءِ ايم پي اي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ايم پي اي دعا ڀٽو جي ڳجهي شادي منظر عام تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ٻار ڄمڻ بعد ٻنهي شادي جو اعلان ڪيو، ايم پي اي دعا ڀٽو حليم عادل شيخ سان شادي جي تصديق ڪندي پنهنجي پٽ  جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکيون، هن پٽ جو نالو عامل حليم شيخ ڄاڻايو،تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دعا ڀٽو پنهنجي پٽ کي کڻي بيٺي آهي ۽تصوير جي پويان نه صرف ٻار جو نالو پر ان جي والد جو نالو پڻ لکيل آهي، ٻئي طرف حليم عادل شيخ چيو شادي جي تصديق ڪندي چيو  آهي ته دعا ڀٽو سان 2018 ۾ شادي ٿئي هئي، اليڪشن کانپوءِ شادي ڪئي،مون شادي ڪئي آهي ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، پٽ پيدا ٿيو آهي، هي منهنجو ذاتي معاملو آهي، ان جو سياست سان ڪوبه تعلق ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو