135

ايڪنڪ پاران 20.7 ارب رپين جو ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايڪنڪ پاران 20.7 ارب رپين جو ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو منظور، ايڪنڪ  20.7 ارب رپين جي ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ منصوبابندي واري وزير اسدعمر چيو ته  ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ  جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي منطوري ڏني وئي آهي،   ايندڙ هفتي وزير اعظم عمران خان منصوبي جو افتتاح ڪندو ۽ افتتاحي تقريب جو خاص مهمان به هوندو، هن چيو ته   سرڪلر ريلوي لاءِ بغير ڦاٽڪ جي نئين لائين وڇائي ويندي هر 6 منٽ بعد ٽرين اسٽيشن تي ايندي، جڏهن ته ان منصوبي سان هر روز 3 کان 5 لک مسافرن کي فائدو پهچڻ جو امڪان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو