ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ رڳو سنڌ سرڪار کي شيم ناهي چيو، جادو جي لٺ ناهي جو معاملا فوري ٺيڪ ٿي وڃن، اها جڳهه ٻڌايو جتي برسات پوي ۽ پاڻي نه بيهي، برساتن ۾ به نيويارڪ سب وي اسٽيشنز تي به پاڻي بيهي ويندو آهي، سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان حالتون اطمينان جوڳيون نه آهن پر اسان وٽ جادو جي لٺ نه آهي، هن چيو ته ماڻهو ان ڳالهه کي ساراهي رهيا آهن ته اسان استادن جي ڀرتي ۾ ميرٽ کي ترجيح ڏني آهي، ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ بهتري آئي آهي، برسات کانپوءِ سواءِ هڪ جڳهه جي باقي شهر ۾ پاڻي بيٺل نه هو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ڪارڊيو ويسڪيولر سمپوزيم جنهن جو اهتمام فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ڪيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سمپوزيم ۾ دل جي بيماريءَ جي ماهرن جيڪي دل جي بيماري جون علامتون ٻڌايون آهن لڳي ٿو ته اهي سڀ اسان ۾ آهن، اين آءِ سي وي ڊي زبردست ڪم ڪري رهيو آهي، اسان کي گهرجي ته نه رڳو بيماري ۾ پر هونئن به اين آئي سي وي ڊي وڃي ڪم ڏسڻ گهرجي، دل جي بيماري جو علاج دنيا ۾ گهڻو مهانگو آهي. هي علاج اين آئي سي وي ڊي م مفت ۾ ٿي رهيو آهي، 8 جولائي 1911 تي اين آءِ سي وي ڊي ، جي پي ايم سي ۽ اين آئي سي ايڇ اسپتالون سنڌ حوالي ڪيون ويون. سنڌ حڪومت ڪوبه بجيٽ نه رکيو هو پر پوءِ به سنڌ حڪومت 9 ارب رپيا اسپتالن کي ڏنا، هاڻي انهن اسپتالن کي 22 ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون. هن وقت ٽئي اسپتالون سنڌ حڪومت جون قانوني اسپتال ناهن، تنهن هوندي به اسان انهن اسپتالن کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو، مون وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته جيڪڏهن فيصلو سنڌ حڪومت خلاف وڃي ٿو ته وفاقي حڪومت انهن اسپتالن کي سٺي ريت هلائي. وزيراعظم مهرباني ڪئي ۽ چيو ته سنڌ کان اهي اسپتالون واپس نه ورتيون وينديون. ڪراچي جا ماڻهو سخي آهن اهي اين آءِ سي وي ڊي ۽ ٻين اسپتالن کي چڱو چندو ڏيندا آهن، ڪراچي سخين جو شهر آهي، جي پي ايم سي ۾ ڪينسر جو علاج مفت ٿيندو آهي جيڪا هڪ تاريخ آهي،.
111