108

آمريڪا جي افغانستان مان واپسي ۽ ايشيا ۾ امن جو سوال؟

ليکڪ: مبين اڄڻ

سال 2001ع ۾ سپر پاور آمريڪا 11سيٽمبر جي واقعي کي جواز بڻائي ان وقت افغانستان حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ افغانستان جي سرزمين کي انساني جانين جي رت سان وهنجاريو، آمريڪا جي افغانستان ۾ مسلسل 20سال طالبانن خلاف ويڙهه انجام تي پڄائڻ کان پھريان ئي نڪري وڃڻ عالمي ميڊيا ۾ ھن مھل تائين ڪيترائي سوال اڀاري رھيو آھي ۽ حال توڙي مستقبل ۾ اڀاريندو رھندو . آمريڪا جنھن شروع کان وٺي اھو اعلان ڪيو ھو ته افغانستان ۾ ھڪ به طالبان زندهه رھڻ تائين اسان جي واپسي قطعي ممڪن ناھي  پر اھا ھُن جي خام خيالي ئي نڪتي، اڄ دنيا جي ميڊيا جي سرخين ۾ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جون خبرون زينت بڻيل آھن، طالبان جن کي آمريڪا مسلسل ھڪ مھم ھلائي ظالم پيش ڪندو رھيو، اڄ ان ئي طالبان سان دوھا ۾ ڳالهيون ڪري افغانستان جي حڪومت انھن جي حوالي ڪئي وئي، ايشا کنڊ ۾ خاص ڪري چار ملڪ سرحدن جي جھيڙي ۾ سدائين رھندا آيا آھن جن ۾ پاڪ، ڀارت، چين ۽ ايران اچي وڃن ٿا  ويجھڙائيءَ ۾ چين سان انڊيا جون سرحدي پٽي تي چڪريون ميڊيا جي زينت پڻ بڻجنديون رھيون آھن، پاڙيسري ملڪ ايران به ڪورونا جي مرض جي ڪري  پنھنجي معشيت کي بچائڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيو آھي  سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ھن سڄي ڇڪتاڻ کي پاڪستان ۽ ان جو وزيراعظم ڪئين ٿو ڏسي؟ ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي جڏھن ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اقوام متحده توڙي دنيا جي ترقي يافتا ملڪن کي افغان حڪومت جي مدد ۽ ان کي قبولڻ لاءِ چوندو رھيو آھي  ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستاني عوام بي چيني ۽ خوف وچان پاڪستان جي مقامي ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا جي خبرن کي ٻڌي ۽ ڏسي رھيو آھي ته آخر 20 سالن جي خوني ويڙهه کان پوءِ افغانستان جا طالبان سوچ رکندڙ مسلمان ڀائر دنيا ۽ پاڪستاني قوم لاءِ ڪيترا پرامن بڻبا، جنھن جو امڪان تمام گھٽ ملي ٿو ڪجهه ڏينھن اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو آخري وقت تي پاڪستاني ٽيم سان نه کيڏڻ ۽ پاڪستان ۾ امن جي صورتحال تي يقين نه رکندي دورو ملتوي ڪرڻ مان عالمي سازش جي بوءِ اچي ٿي، اسان کي افغانستان جي حمايت سميت چين ۽ آمريڪا سان دوستاڻا لاڳاپا بحال ڪرڻ پوندا ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ اسان جي ڪريل سڪي کي وري مٿي پھچائي سگھجي ۽ معشيت جيڪا ڪرنگھي جي ھڏي جيان آھي ملڪ لاءِ ان کي مضبوط ۽ بھتر ڪري سگھجي، اسان جي حڪومت ۽ ملڪ جي اعلي اداران کي ھاڻ سنجيدگي سان پرڏيهي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي، جنھن تي ڪيتري وقت کان پاڪستان جي مقامي ميڊيا سوال اٿاريندي رھي آھي ۽ افغانستان جي ھن صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي ڪا جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي جئين ملڪ ۽ ملڪ جو عوام ڪنھن وڏي حادثي يا اڻ وڻندڙ واقعي کان محفوظ رھي سگھي.  ڇو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ طالبان جي معاملي تي حڪمرانن خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ۽ هر ڪو ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي آهي، ڪير به طالبانن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ٻيو ته پري جي ڳالهه پر دنيا جا حڪمران امدادي فنڊ پڻ طالبان جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، جڏهن دنيا اندر طالبان لاءِ ايتري بي اعتمادي موجود آهي اتي اسان کي به پنهنجون وکون سوچي سمجهي کڻڻ گهرجن، ڇو ته طالبان اڃا تائين عملي طور تي اهڙي ڪا به پاليسي يا قدم ناهي کنيو، جنهن سان لڳي ته اهي هاڻ سڌري ويا آهن، سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته پاڻي کان اڳ ڪپڙا نه لاهڻ گهرجن، ان ڪري اسان جي حڪمرانن کي به طالبان بابت قومي سطح تي قومي سوچ ۽ گڏيل حڪمت عملي سان فيصلا ڪرڻ گهرجن، ائين نه ٿئي ته سرڪار جو فيصلو هڪڙو ۽ عوام جو ٻيو هجي، ان تي هڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين کي گڏ ويهارڻ گهرجي ته جيئن سمورا دماغ گڏجي هن مسئلي جو اهڙو حل ڪڍن جيڪو سڀني لاءِ قبوليت جوڳو هجي، ٻي صورت ۾ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي سگهون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو