ليکڪ: نظير احمد بهشتي
علي بن موسى بن جعفر عه المعروف امام رضا عه 183 هجري قمري ۾ پنهنجي بابا امام موسى ڪاظم عليه السلام جي شهادت کان پوءِ امامت جي ذميواري سنڀالي، جنهن جو مدو 20 سال 183 هجري قمري کان 203 هجري تائين هئو. سندس امامت جي زماني ۾ هارون الرشيد (10 سال) محمد امين (5 سال) ۽ مامون الرشيد (5 سال) خليفا هئا. هڪ روايت ۾ امام جواد عليه السلام کان آيو آهي ته الله جي طرفان سندس بابا کي رضا جو لقب مليو ۽ امام عليه السلام عالم آل محمد جي لقب سان به مشهور آهن.
عبادت واري سيرت: امام رضا عليه السلام جي عملي سيرت ۾ آيو آهي ته پاڻ جڏهن آذان جو آواز ٻڌندا هئا ته جلسي کي ڇڏي ڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته نماز پڙهي موٽي ٿو اچان، امام عليه السلام جي رات واري عبادت ۽ جاڳي راتيون گذارڻ جا قصا نقل ٿيل آهن. جڏهن امام رضا عليه السلام پنهنجو پيراهڻ دعبل خزاعي کي تحفي طور ڏنو ته ان کي فرمايو ته هن قميص جي حفاظت ڪجان جو مون هن سان هزار راتيون بسر ڪيون آهن ۽ هر رات ۾ هزار رڪعتون نماز پڙهي آهي ۽ ان سان هزارين ڀيرا قرآن مجيد ختم ڪيو اٿم، امام جا ڊگها سجدا به نقل ٿيا آهن.
اخلاقي سيرت: امام عليه السلام جا ٻين ماڻهن سان سهڻي انداز سان ملڻ جا ڪيترا ئي نمونا بيان ڪيا ويا آهن. پنهنجي ماتحتن ۽ غلامن سان پيار وارو سلوڪ ۽ انهن سان گڏ هڪ دسترخوان تي ويهي ماني کائڻ ايستائين جو ولي عهد ٿيڻ کان پوءِ به انهن سان ان سلوڪ سان پيش اچڻ نقل ٿيو آهي ابن شهر آشوب نقل ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن امام عليه السلام عمومي حمام ۾ ويا ۽ اتي موجود هڪ شخص جنهن امام کي نه پئي سڃاتو ان امام کي چيو ته کيس پٺي تي صابڻ هڻي، امام عليه السلام ان جي اها ڳالهھ قبول ڪئي ۽ کيس صابڻ هڻڻ شروع ڪيو، ٻين اهو ڏسي ان شخص کي ٻڌايو ته هي ڪير آهي جنهن کي صابڻ هڻڻ جو چيو اٿئي، اهو شخص شرمسار ٿيو ۽ امام کان معافي طلب ڪيائين، امام عليه السلام کيس چيو گهٻراءِ نه ۽ وري کيس صابڻ هڻڻ شروع ڪيو.
تربيتي سيرت: رضوي سيرت ۾ گهر وارن جي ذميوارين ۾ ٻار جي تربيت تي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي ۽ لازمي طور تي نيڪ عورت سان شادي ڪرڻ، حمل وارن ڏينهن ۾ ان جو خيال رکڻ، نيڪ نالو رکڻ، ٻار جو احترام ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. پنهنجن سان محبت واري سلوڪ بابت به امام رضا عليه السلام لاءِ نقل ٿيو آهي ته جڏهن به کين وقت ملندو هو ته پنهنجي مائٽن ۽ عزيزن مان ننڍن توڙي وڏن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري انهن سان ڪچهري ڪندو هو.
علمي سيرت: امام رضا عليه السلام جڏهن مديني ۾ هئا، نبي ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جي روضي ۾ ويهندا هئا ۽ جيڪي دانشور سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ منجهي پوندا هئا اهي اچي امام کان مدد گهرندا هئا. مرو (هاڻوڪي مشهد) ۾ اچڻ کان پوءِ به مناظرن وسيلي گهڻن ئي سوالن ۽ شبهن جا جواب ڏيندا هئا. ان کانسواءِ امام پنهنجي گهر ۾ ۽ مسجد ۾ هڪ علمي حوزي جو بنياد رکيو، پر جڏهن امام جي درس جي شهرت ٿي وئي ته مامون ان کي بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
امام رضا عليه السلام جو مقام: ڪيترن ئي بزرگن پنهنجي ڪلام ۾ امام رضا عليه السلام جي نَسَب، علم ۽ فضيلت کي ساراهيو آهي ۽ امام رضا عليه السلام جي حرم ڏانهن سندس زيارت لاءِ ويندا رهيا آهن. ٽئين ۽ چوٿين هجري جو محدث ابن حِبّان چئي ٿو ته علي بن موسى جي قبر جي زيارت لاءِ مشهد ويندو رهيو آهي ۽ ان سان سندس ڪجهھ مشڪلون حل ٿيون آهن، اهڙي ريت ابن حجر عسقلاني نقل ڪيو آهي ته ٽين ۽ چوٿين صدي هجري ۾ فقيه، مفسّر ۽ محدّث ابو بڪر محمد بن خزيمه ۽ ابو علي ثقفي گڏجي امام رضا عليه السلام جي قبر جي زيارت لاءِ ويا آهن. ابن نجار علم ۽ دين ۾ امام عليه السلام جي مقام کي بيان ڪندي چئي ٿو ته پاڻ علم ۽ دين ۾ ايترو مقام رکندا هئا جو ويهن سالن کان ڪجهھ وڌيڪ عمر ۾ مسجد النبي ۾ ويهي فتوا ڏيندا هئا.
شهادت: امام عليه السلام جي شهادت بابت مختلف قول، جمعو يا سومر صفر جي آخري تاريخ يا 17 صفر يا 21 رمضان يا 18 جمادي الاول يا 23 ذي القعده يا آخر ذي القعده سال 202 يا 203 يا 206 نقل ڪيا اٿن. ڪليني سندس وفات 55 سالن جي ڄمار ۾ صفر مهيني ۾ سال 203 هجري ۾ بيان ٿو ڪري. اڪثر عالمن ۽ تاريخدانن جي نظرئي مطابق امام عليه السلام جي شهادت سال 203 هجري ۾ ٿي. طبرسي سندس شهادت جو ڏينهن صفر جو آخري ڏينهن ٿو لکي. امام جي زندگي جي سالن بابت به ڄم جي تاريخ ۽ سالن جيان اختلاف آهي، چيو ويو آهي ته امام عليه السلام جي ڄمار 47 کان 57 سال آهي، اهڙي ريت سندس شهادت بابت به مختلف قول نقل ڪيا ويا آهن. تاريخ يعقوبي ۾ آيو آهي ته 202 هجري قمري ۾ مرو (هاڻوڪي مشهد) کان عراق ڏانهن ويندي طوس (هاڻوڪي مشهد) وٽ امام رضا نوقان نالي هڪ ڳوٺ ۾ سال 203 هجري ۾ وفات ڪئي ۽ سندس بيماري ٽن ڏينهن کان وڌيڪ نه هئي، يعقوبي اڳتي لکي ٿو ته مون کي ابوالحسن بن ابي عباد خبر ڏني ۽ چيو ته مامون کي ڏٺم ته اڇي قبا کنيائين ۽ امام رضا عه جي جنازي ۾ مٿي اگهاڙو لاش جي ڀرسان پيادل پئي ويو ۽ چيائين پئي ته اي ابو الحسن تو کان پوءِ ڪنهن سان دل وندرائيندس؟ ۽ ٽي ڏينهن سندس قبر وٽ گذاريا ۽ روزانو ماني جو هڪ ٽڪرو ۽ ٿورو لوڻ ان لاءِ پئي آندائون ۽ اها ئي سندس خوراڪ هئي پوءِ چوٿين ڏينهن واپس موٽيو. امام رضا عليه السلام جي شهادت کان پوءِ کيس سناباد ڳوٺ ۾ حميد بن قحطبه طائي جي گهر (بقعه هارونيه) ۾ دفن ڪيو. اڄڪلهھ امام رضا عليه السلام جو حرم ايران جي شهر مشهد مقدس ۾ واقع آهي ۽ هر سال مختلف ملڪن مان لکين مسلمان سندس زيارت لاءِ ايندا آهن.