ليکڪ: جوشوا نيوٽ
جرمنيءَ ۾ آچر 26 سيپٽمبر تي چونڊون ٿينديون، جنهن سان انجيلا مرڪل جي چانسلر طور آخري دور جو خاتمو ٿي ويندو، جڏهن انجيلا مرڪل 16 سالن کانپوءِ اقتدار تان هٽندي ته تاريخ کيس ڪيئن ياد ڪندي؟ ان بابت 4 ماهرن سندس اقتداري دور ۽ ليڊرشپ واري انداز بابت ڪجهه هن طرح راءِ ڏني آهي، يونيورسٽي ۾ سياست جي پروفيسر ۽ هڪ ڪتاب ”انجيلا مرڪل يورپ جي سڀ کان بااثر عورت“ جي ليکڪ ميٽ ڪواٽروپ جو چوڻ آهي ته مرڪل جرمنيءَ جي سياسي بحث جو مرڪز سياست کان هٽائي پاليسي طرف موڙي ڇڏيو آهي، هو چوي ٿو ته ان کان اڳ جرمني جي سياست ۾ مردن جي اجاراداري هوندي هئي ۽ ان کي ڪلب آف مين چيو ويندو هو، مرڪل جي اقتدار دوران بيانيو پاليسي جي چوطرف گهمڻ لڳو، ان طرز حڪمران جو مسئلو شايد اهو آهي ته اهو گهڻو مڪينيڪل ۽ سائنسي ٿي وڃي ٿو، مسز مرڪل جي تربيت بطور فزسسٽ ٿي آهي ۽ هن ڪوانٽم ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي آهي. ان ڪري سندس طرز عمل جو بنياد حقيقت پسندي آهي، اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جيڪا انتهائي شاندار هجي پر هن پنهنجي طريقي سان جرمني ۽ دنيا جي سياست ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن سياست وقت ورهائڻ واري ٿيندي پئي وڃي، هن معاملن کي غير سياسي بڻائي اها ورهاست ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
يونيورسٽي آف برمنگهم ۾ جرمن ۽ يورپي سياست بابت سينيئر ليڪچرار شيرلٽ گيپلن چيو ته انجيلا مرڪل کي فوربز طرفان گذريل10 سالن دوران دنيا جي سڀ کان طاقتور عورت جو خطاب ملندو رهيو آهي، جرمني ۾ هڪ نسل عورت اڳواڻ کانسواءِ پنهنجو ملڪ ڏٺو ئي نه آهي، ان جي پوزيشن عورتن جي نمائندگي جي علامت جي اعتبار کان انتهائي اهم رهي آهي ۽ هوءَ پنهنجي اقتدار جي دوران عورتن کي اهم عهدن تي ڀرتي ڪرڻ جي حوالي سان به مشهور رهي آهي، مثال طور هن ارسلاوان درليئن جي حمايت ڪئي، جيڪا جرمني جي پهرين دفاع واري وزير يورپي ڪميشن جي صدر رهي پر ان علامتي نمائندگي جو مطلب اهو نه هو ته ان جي ڪري وڏي پئماني تي تبديلي آئي هجي، خاص طور تي غير سياه فام ۽ ايل جي بي ٽي ڪميونٽي لاءِ مسلمان عورتن کي نشانو بڻائڻ ۽ نام نهاد صنفي بي راهه روي خلاف مظاهرا جرمني ۾ وڏي پئماني تي ڪيا ويندا آهن پر اهو صرف جرمني جي انتهائي کاٻي ڌر جي جماعت اي ايف ڊي پارٽي جي ڪري ئي نه آهي، هن چونڊ مهم دوران صنفي اعتبار سان درست ٻولي هڪ سياسي موضوع جو بحث بڻجي ويو آهي، جنهن تي انجيلا مرڪل گهڻو ڪري خاموش اختيار ڪئي آهي، سياست ۽ سياسي عمرانيات جي پروفيسر ڊاڪٽر روڊيگر شمٽ بيڪ مطابق جيڪڏهن سندس پاليسين جي ميراث تي نظر وڌي وڃي ته اوهان کي جدت ۽ پراڻ پسندي جو عجيب ڳانڍاپو نظر ايندو، اڪثر جديد دور جون پاليسيون جهڙوڪر هم جنس شادين جي اجازت، ائٽمي توانائي کي وقت سان گڏ گهٽائڻ واري پاليسي ۽ پناهگيرن کي ملڪ ۾ داخلا جي اجازت واري پاليسي به شامل آهن، اهي اهڙيون پاليسيون آهن جن جي ڪنهن مسيحي ڊيموڪريٽ چانسلر کان اميد نه پئي ڪئي وئي، پر ملڪ هن وقت اڪثر وڏن ۽ اهم مسئلن ۾ باقي دنيا کان پوئتي آهي، جهڙوڪر ڊجيٽلائيزيشن، ماحوليات بابت پاليسي ۽ آبادياتي تبديلين جي اعتبار سان پاليسيون، انجيلا مرڪل هڪ اهڙي وقت ۾ اقتدار ڇڏي رهي آهي جڏهن ملڪ ۾ ساسي منظرنامو غير مستحڪم آهي ۽ اهو ان ڪري به آهي ته ڇو ته جرمني ۾ سياسي جماعتن جو نظام انتهائي ڏکيو آهي ۽ کاٻي ڌر جي پارٽي اي ايف ڊي جي ڪري به جيڪا اميگريشن مخالف جذبا اڀارڻ جي ڪري مشهور آهي پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته هوءَ جرمني جي پهرين عورت چانسلر آهي، مون کي يقين آهي ته سندس حقيقت پسنداڻي ۽ نيم صدارتي طرز واري حڪمراني ان کانپوءِ ايندڙ عورت چانسلرن لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندي. ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ جرمن ۽ يورپي علمن جي ليڪچرار ڊاڪٽر ڪيٽرين شرائيٽر چوي ٿي ته سندس ميراث پرعزم ۽ خاموش اڳواڻ واري آهي، ان جي ليڊرشپ جو خلاصو صورتحال کي سنجيدگي سان پرکڻ ۽ پنهنجي اهليت جي تشهير ڪرڻ تي ٻڌل هو، ان مٿان اڪثر دور انديش نه هجڻ جو الزام لڳايو وڃي ٿو پر ووٽرن کي خبر هوندي هئي ته هو ان مان ڪهڙي شيءِ جي اميد رکي سگهن ٿا، هوءَ صورتحال ڄاڻڻ ۽ پنهنجي ووٽرن جي سوچ ڄاڻڻ ۾ مهارت رکندي هئي، ان جي ڪري کيس عالمي اتحادين جو اعتماد حاصل ٿيو، سندس هڪ ٻي ميراث اها به آهي ته هن پنهنجي پارٽي جي نظريي کي لبرل سوچ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، هن قدامت پسند مسيحي ڊيموڪريٽ پارٽي کي سينٽر جي پارٽي ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪجهه معاملن ۾ کاٻي ڌر جي پارٽي گرينز جي نظرين جي به ويجهو ڪيو آهي، مرڪل جي اقتدار ۾ موجودگي دوران سڀ کان اهم لمحا ڪهڙا هئا واري سوال تي ميٽ ڪوارٽروپ چيو ته منهنجي خيال ۾ ان جي سڀ کان اهم ميراث يورو ڪرنسي کي بچائڻ ۽ 2008ع جي مالي بحران کي منهن ڏيڻ هو. مون کي ياد آهي ته ان دوران مون ساڻس برسلز ۾ ڳالهايو هو، ان بحران جي حوالي سان سوال تي هن چيو هو ته هو مارڪيٽ جي طاقت تي هلڻ واري چاهي ٿي پر گڏوگڏ ان ۾ رياست جي مداخلت به چاهي ٿي، جرمن سوشل ڊيموڪريٽس به اها ڳالهه 1960ع ۾ هڪ نعري جي طور تي استعمال ڪئي هئي، جڏهن مون کيس اها ڳالهه ٻڌائي ته هن چيو ته آئون مورخ نه آهيان. حقيقت پسند آهيان. ٻيو لمحو اهو هو جڏهن ٽرمپ جي دور ۾ پنهنجو ردعمل ڏنو هو، هن لبرل انٽرنيشنلزم جو نظريو برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما کيس چوٿون ڀيرو چونڊ ۾ بيهڻ راضي ڪيو، جيئن ئي صدر ٽرمپ چونڊون کٽيون اوباما برلن پهتو ۽ اتي مرڪل سان ملاقات ڪئي، ميٽنگ کانپوءِ اوباما ياد ڪري ٿو ته سندس اک ۾ ڳوڙها هئا ۽ هوءَ اڪيلي رهجي وئي هئي. هن ان ٻيڙي کي ٻڏڻ نه ڏنو ۽ هڪ طرح سان هن پنهنجو ڪم پورو ڪيو ، هاڻ هوءَ وڃي سگهي ٿي. ساڳئي سوال جي جواب ۾ شيرلٽ گيپلن چيو ته مرڪل جو اقتداري دور عام طور تي بحران ۾ گهريل دور سڏيو وڃي ٿو، منهنجي لاءِ اهم لمحو پناهگيرن وارو بحران هو، بالڪنز ۾ هڪ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ جرمني پنهنجون سرحدون کولي ڇڏيون هيون ۽ لکين پناهگيرن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي، هن چيو هو اسان سنڀالي وٺنداسين، جرمني انهن ڪجهه يورپي ملڪن مان هو، جنهن شام ۾ گهرو ويڙهه جي ڪري ملڪ مان فرار ٿيندڙ پناهگيرن کي پناهه ڏني، پوءِ به 2015ع ۾ اي ايف ڊي هڪ اهڙي سياسي پارٽي بڻجي اڀري، جيڪا اڳ ته معاشي طور تي لبرل خيالن جي مالڪ هئي پر پوءِ هڪ يورو مخالف ۽ انتهائي کاٻي ڌر جي ۽ اسلاموفوبيا کي وڌائيندڙ پارٽي ٿي، گذريل چونڊن ۾ اي ايف ڊي جي ڪاميابي جي ڪري ملڪ ۾ 1960ع کانپوءِ پهرين انتهائي کاٻي ڌر جا پارليامينٽ ميمبر نامزد ٿيا، ساڳئي ئي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر روڊيگر شمٽ بيڪ چيو ته مون کي اهڙا ٽي لمحا ياد آهن، پهريون لمحو اهو جڏهن مرڪل ۽ سندس خزاني واري وزير عوم کي 2008ع ۾ خطاب ڪيو هو ۽ کين يقين ڏياريو هو ته حڪومت انهن جي بچت محفوظ رکندي. اهو ان لاءِ اهم هو ڇو ته ملڪ ۾ ماڻهن کي بئنڪن طرف وڃڻ کان روڪڻو هو، ٻيو جڏهن يورو ڪرنسي بحران جو شڪار ٿي ان دوران انتهائي اهم يورپي يونين جون ڳالهيون ڪرڻ هو ته جيئن يونان لاءِ قرضن ۾ ڇوٽ جو انتظام ڪري سگهجي ۽ ٽيون جڏهن مرڪل هنگري ۾ 2015ع ۾ ڦاٿل پناهگيرن لاءِ پنهنجي ملڪ جون سرحدون بند نه ڪيون هيون، اسان کي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مرڪل سرحدون کوليون به نه هيون، جيئن عام طور تي ان فيصلي بابت چيو وڃي ٿو، ڊاڪٽر ڪيٽرن شرائيٽر مطابق انهن لمحن مان هڪ 2017ع ۾ ه جڏهن هن هم جنس شادين جو قانون پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي راهه هموار ڪئي هئي. چونڊن کان ڪجهه عرصو اڳ هن عورتن جي ميگزين کي هڪ انٽرويو ڏنو، ان ۾ هن چيو ته انهن معاملن تي ووٽ ڪرڻ هر ڪنهن جي پنهنجي ضمير جو مسئلو آهي، هن پنهنجي پارٽي جي نظريي کان هٽي ڳالهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سالن جي انتظار کانپوءِ ان قانون کي پاس ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي هئي.منهنجي لاءِ سندس پسنديده قول ان جي اقتداري دور جي شروعات ۾ چيل جملو هو، جڏهن ان کان پڇيو ويو هو ته جڏهن هو جرمني بابت سوچي ٿي ته ڇا محسوس ڪري ٿي، هن جواب ڏنو ته آئون اهڙين درين بابت سوچيان ٿي جيڪي چڱي طرح سان بند ڪيون ويون هجن، ڪو به ان کان بهتر ۽ ايتريون محفوظ دريون نٿو ٺاهي سگهي، ان مان سندس عاجزي ۽ حقيقت پسندي بابت خبر پوي ٿي، هن ان کي انتهائي عملي طريقي سان پرکيو ۽ منهنجي خيال ۾ اها ئي سندس سڃاڻپ هئي.