ليکڪ: اياز خاصخيلي
ڪنھن جي ڪيفيت اھو ئي سمجھي سگھي ٿو جنھن انھي سان مھاڏو اٽڪايو ھجي يا گهٽ ۾ گهٽ ان مان گذريو ھجي. ڪجهھ ڏينھن پھريان ھڪ دوست فون ڪئي ۽ ٻڌايائين ته سندس گھرواري کي گذريل رات دل جو دورو پيو ھو جنھن سبب سڄي رات جاڳي گذاريائين، تيز برسات دوران ملير ھالٽ تي موجود اين آئي سي وي ڊي يونٽ کان وٺي مين اين آئي سي وي ڊي تائين جو سفر ۽ انھي سفر دوران پنهنجي تڪليف ٻڌائيندي روئڻھارڪو ٿي پيو، منھنجي پڇڻ تي ھن ٻڌايو ته سندس گھرواريءَ کي اڳ ۾ ڪڏھن به ڪا دل جي تڪليف نه ٿي آھي ۽ نه وري ڪا شگر جي مريضا آھي. اينگزائٽي سبب ھڪ اڌ گوري رات جو کائيندي آھي، انھي رات ٻه گوريون جيڪي نڪ، ڪن ۽ گلي واري ڊاڪٽر لکي ڏنيون ھيون سي به کاڌيون ھئائين، رات جو تقريباً اڍائي وڳي سندس گھرواري جو بلڊ پريشر وڌيو ۽ ڪھاڻي وڃي نيم بيهوشي تائين پھتي، اين آئي سي وي ڊي وارن اي سي جي ۾ تبديلين جو ٻڌايو ۽ ھلڪي قسم جي دوري کي ڪنفرم ڪيو. ھي ته ھڪ ڪيس آھي جيڪو مون ھتي صرف ڪجهھ حقيقتن کي سمجھڻ لاءِ لکيو نه ڄاڻي اھڙا ڪيترائي ڪيس اسان جھڙي ترقي پذير ملڪن جي ماڻھن سان روزانو ٿيندا ھوندا ۽ انھن مسئلن جي ڪري ٿيندڙ اينگزائٽي توڙي ڊپريشن جھڙي ثانوي مرضن جو ته شايد ڪاٿو به نه ھجي. اچو ته پيرا کڻون اھو ائين ٿيو ڇو! جڏھن ته مريضا پھريون لکيل دوائون به ھڪ ڊاڪٽر جي مشوري سان کائي رھي ھئي ۽ ٻيون دوائون به ڊاڪٽر جي مشوري سان کائڻ شروع ڪيون، ڪن، نڪ ۽ گلي واري ڊاڪٽر کي خبر ھئي ته اڳ ۾ مريضا ڪھڙيون دوائون کائيندڙ آھي پر ڊاڪٽر کي شايد اھا ڄاڻ ڪانه ھئي ته انھن چئن کائجندڙ گورين ۾ ٻه اھڙيون گوريون به ھيون جيڪي اي سي جي ۾ تبديلي جو ڪارڻ ٿي سگھيون پئي، جنھن سبب انھن ٻنھي دوائن جي کائڻ جي وقت ۾ تبديلي آڻڻ ضروري ھئي. اھا ڏسڻ ۾ ته شايد ھڪ ننڍڙي غلطي ھئي پر وقت تي ميڊيڪل يونٽ تي نه پھچڻ سبب دماغي رڳ ڦاٽڻ، اڌ رنگي يا ٻي ڪنھن سبب معذوري يا فوتگي جو سبب ٿي سگھي پئي، اصل مسئلو ڊاڪٽر جو نه پر ميڊيڪل اسٽور تي ماھر دواساز يا فارماسسٽ جو نه ھجڻ آھي، ڇوته ڊاڪٽر جو ڪم مرض جي تشخيص جڏھن ته فارماسسٽ جو ڪم پرسڪرپشن ۽ دوائن جي ڊوز، دوا کائڻ جي وقت کان وٺي ھاڪاري توڙي ناڪاري اثرن جي ڄاڻ ۽ دوا سان لاڳاپيل ٻين معاملن ۾ مھارت ھجڻ آھي، انھي مٿي ڏنل ڪيس کي وٺي ٿورو سوچجي ته اھڙن شعور يا لاشعور ۾ ٿيندڙ مونجھارن ۽ انھن جي اثرن سبب ملڪي سطح تي ھڪ غير ضروري معاشي توڙي نفسياتي ڪيترو نه بار پوي ٿو، جنھن جو فائدو ٿي سگھي ٿو، ڪجهھ ڌرين جھڙوڪ ڊاڪٽر، ميڊيڪل اسٽور مالڪن، دواسازي جي صنعت سان لاڳاپيل يا وري دوائن جي واپار ۾ ڪارو ڌنڌو ڪندڙن ڌرين کي پوي پر حقيقت ۾ ان جو اثر ھر انھي ماڻھو تي پوي ٿو جيڪو ڪنھن به سبب دوا کائي ٿو. انھي سبب نه صرف پاڪستان پر عالمي سطح تي صحت ۽ انھي جي خيال رکڻ جي حوالي سان خرچ ۾ غير مستحڪم واڌ ٿي رھي آھي، غير ضروري دوائون لکڻ ۽ کائڻ سبب ٿيندڙ نقصانن ۾ مسلسل واڌ ٿئي پئي ۽ وڏي ڳالهھ اھا آھي ته بھتر ھيلٿ ڪيئر سسٽم ھجڻ تي انھي جاني ۽ مالي نقصان کي روڪي سگھجي ٿو، ھاڻ مسئلو اچي ٿو ته بھتر ھيلٿ ڪيئر سسٽم کي ڪير سرانجام ڏئي؟ فارماسسٽ! يعني ماھر دواساز، انھي جي لاءِ اھو ھڪ تمام وڏو موقعو آھي ته ھو دوا ۽ دوائن جي غير ضروري اثرن تي ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان کي گھٽائي سگھي ٿو، ڇو ته ھن وٽ دوائن سبب ٿيندڙ غلطين ۽ انھن دوائن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ روڪڻ ۾ مھارت آهي. عالمي طور گذريل ڪجهھ ڏھاڪن کان ڪلينڪل ۽ ڪميونٽي فارميسي جي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماھرن ۾ واڌ آئي آھي، جنھن سبب عالمي صحت جي نظام ۾ڪافي بھتري اچڻ شروع ٿي وئي آھي، انساني صحت ۾ فارماسسٽ جو ڪردار شروع ۾ ته دوائن جي ٺاھڻ ۽ پھچائڻ تائين محدود ھو، جنھن سبب دوائن جي استعمال ۽ ٻين پيچيدگين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ واري ڪجهھ محدود حدن تائين ڪم ڪيو پئي ويو پر اڄڪلھه فارماسسٽ دوا، دوا جي اثرن ۽ بھترين مئنيجمينٽ يقيني بڻائين ٿا، صحتمند زندگي وڌائين ٿا ۽ ڪلينڪل نتيجن کي بھتر ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا، دوائن جي غلطين ۽ ڊاڪٽرن طرفان غير ضروري دوائون لکڻ کي نه رڳو اسان وٽ پر ترقي يافتا ملڪن ۾ وڏي معاشي بار طور تسليم ڪيو ويندو آھي. جنھن سبب دوائن جا ناڪاري اثر خاص طور بزرگ مريضن ۾ بيماري ۽ موت جو وڏو سبب ٿي سگھن ٿا، ھڪ مستند تحقيق مطابق دوائن جي ناڪاري ۽ غير ضروري اثرن سبب 6.5 سيڪڙو ماڻھو اسپتال داخل ٿين ٿا، تحقيق مطابق ھڪ طرف اسپتال ۾ داخل ٿيندڙ ھر هڪ سئو مان تقريباً 19 سيڪڙو مريضن کي دوائن جا ناڪاري اثر ٿي سگھن ٿا ته ٻي پاسي وري 2000 کان 2500آمريڪي ڊالرن جو اضافي خرچ مريض کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو، جنھن جو اندازو ان ڳالھه مان لڳايو ته صرف آمريڪا ۾ ساليانو ھڪ سؤ بلين ڊالر دوائن جي مد ۾ اجايو خرچ ٿين ٿا، آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافتا ملڪن ۾ جتي صحت جو نظام نسبتن بھتر آھي اتي دوا ڊاڪٽر جي پرچي کانسواءِ ڪانه ٿي ملي پر اسان وٽ ته ڪيتري به خطرناڪ دوا ڇونه ھجي، ھڪ عام ماڻھو کي آسانيءَ سان مليو وڃي، ھاڻ اھو بنا نسخي جو رجحان اسان جھڙن ترقي پذير ملڪن مان وڌندو ترقي يافتا ملڪن ڏانھن وڃي پيو، موجوده دور ۾ صرف آمريڪا ۾ ٽن لکن کان وڌيڪ بنا نسخي ملڻ واريون (او ٽي سي يا اوور دي ڪائونٽر)دوائون دستياب آھن. فرق صرف اھو آھي ته ترقي يافتا ملڪن ۾ فارميسي يا ميڊيڪل اسٽور فارماسسٽ ھلائيندا آھن جڏھن ته اسان وٽ ڊاڪٽرن کان پوءِ اھو دوائن وڪڻڻ وارو ڪم مئٽرڪ يا انٽر پاس عطائي فارماسسٽ ڪندا آھن، ھاڻ ضرورت ھن امر جي آھي ته اسان وٽ پي ايم سي، ھيلٿ ڪيئر ڪميشن، اين آئي ايڇ ۽ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي گڏجي ھڪ ٽاسڪ فورس ٺاھين جيڪو مرڪز کان وٺي ڪري صوبن ۽ پوءِ صوبن کان ڊويزنن، ڊويزنن کان ضلعن، تعلقن ۽ يوسي ليول تي ھڪ پورو نيٽ ورڪ ٺاھي ھيلٿ سان واسطو رکندڙ ھر ماڻھو ۽ اداري (اسپتال، ڪلينڪ، ميڊيڪل اسٽور، ڊاڪٽر، فارماسسٽ، ڊسپينسر، نرس ) کي رجسٽرڊ ڪن ۽ ھڪ ايس او پي واضح ڪري سڀني کي عمل ڪرڻ لاءِ پابند ڪن، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ وڏا ڏنڊ ۽ مشڪل سزائون (پريڪٽس لائسنس منسوخ ڪرڻ) ڏنيون وڃن، ان ٽاسڪ فورس جي ڪم کي بھتر ڪرڻ لاءِ بھترين ادارن مان ماھر گھرائي انھن سان گڏجي ڪم ڪري مھارت ۾ واڌ ڪئي وڃي. جڏھن صحت سان منسوب ھر ماڻھو ڊاڪٽر، فارماسسٽ، ڊسپينسر يا نرس وغيره پنھنجو پنھنجو ڪم بھتر نموني ڪرڻ شروع ڪندا ته يقينن سٺي صحت تي ايندڙ غير ضروري خرچ ڪافي گھٽجي ويندا ۽ عام ماڻھو ھڪ سٺي زندگي گذاريندو.