109

علمي ادبي ۽ سماجي شخصيت پروفيسر سجاول ڳاهو….

ليکڪ: ستار کوکر

سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ڪک مان جنم وٺندڙن تي سدائين ناز رهيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ڌرتيءَ جي انهن پٽن علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي حوالي سان نـه صرف پنهنجو پر پنهنجي ڌرتيءَ جو به ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. اهڙن انسانن مان سجاول ڳاهو به آهي، هو ڳوٺ غوث بخش ڳاهو ۾ پهرين جنوري 1980ع تي سوڍو خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنب مان 1995-96ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ساڳئي ئي اسڪول ما 1998-99ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪنب جي ئي هڪ خانگي تعليمي اداري مهراڻ پبلڪ اسڪول ۾ 2000ع کان 2005 ع تائين استاد جي حيثيت سان پنهنجون تعليمي خدمتون سر انجام ڏنيون. ان دوران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان لاڳاپيل گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻي پور مان 2002 ع ۾ بي اي ڪيائين. 2004 ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي شعبي مان ايم اي جي ڊگري فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن سان حاصل ڪري سلور ميڊل حاصل ڪيو. 2005 ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار ٿيو ۽ سندس پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواهه ۾ ٿي، اتي ڏھه سال تعليمي خدمتون ڏيڻ بعد 2016 ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سرائي پيارو خان ۾ بدلي ڪرائي آيو ۽ هن وقت به اتي ئي پڙهائي رهيو آهي، سجاول ڳاهو پنهنجي شاگردي واري زماني کان ئي ريڊيو ۽ اسٽيج ڊرامن، سنڌي ادبي سنگت ۽ آرٽس ڪائونسل سان وابستا رهندو اچي ٿو. هن مختلف آرٽسٽن سان گڏ ڪيترن ئي ريڊيو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن مان مظهر شيخ، عطا قاضي، اڪبر شاهـ، ايم يحييٰ ڀٽو، زينت ڀٽي، هاشم ڀٽي ۽ مير صوبدار سعيد جا نالا قابل ذڪر آهن، پاڻ اسٽيج ڊرامن جي شروعات گمبٽ شهر کان ڪئي. سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ انور شاد جي اسٽيج ڊرامي ” محبت زنده باد“ ۾ بنجاري جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ان کانپوءِ 1995ع تي ڌرتي ڊراماٽڪ سوسائٽيء جو بنياد ڪنب شهر ۾ پيو ته سندس قابليت کي ڏسندي کيس ڌرتي ڊرمائيٽڪ سوسائٽي جو پهريون چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ ڌرتي ڊراماٽڪ سوسائٽي جي پليٽ فارم تان 200 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ آرٽسٽن سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي، گڏوگڏ ڌرتي ڊراماٽڪ پاران شايع ٿيندڙ ڌرتي ميگزين جو ايڊيٽر پڻ آهي. سجاول ڳاهو سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سکر ڊويزن جي جوائنٽ سيڪريٽري آهي. هن نه صرف اسٽيج ڊرامن ذريعي ٻوليءَ جي بقا لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي پر پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. 1994 ع کان وٺي ڪنب شاخ سان سلهاڙيل آهي، شاخ پاران کيس چار ڀيرا سيڪريٽري ۽ ٻه ڀيرا ڪائونسلر ۽ ٻين مخلتف عهدن تي مقرر ڪيو ويو. هن ڪنب شاخ ۾ رهي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ باقاعدگيءَ سان ڪم ڪيو آهي. ڪنب شاخ پاران نڪرندڙ ادبي رسالي باک جو ايڊيٽر رهي چڪو آهن، جيئن ئي آرٽس ڪائونسل خيرپور جو بنياد خيرپور ضلعي ۾ پيو ته پاڻ ان جو ميمبر ٿيو، سجاول گاهو کي الله پاڪ تمام گهڻين تخليقي صلاحيتن سان نوازيو آهي. پاڻ بهترين استاد هئڻ سان گڏوگڏ بهترين اداڪار، شاعر، ليکڪ ۽ سٺو اسٽيج سيڪريٽري آهي. سجاول اسڪول جي دور کان سير تفريح جو ڪوڏيو رهيو آهي. سنڌ جا سڀ ماڳ، ماٿريون، ڪوٽ، وستيون گهمندو رهندو آهي، سجاول ڳاهو انساني رواداريءَ جو ديوانو آهي. سجاول ڳاهو کي ادبي ۽ سماجي خدمتن جي عيوض ڌرتي ڊرامائيٽڪ سوسائٽي پاران مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ضلعي خيرپور پاران اسٽيج ڪهاڻيڪار ۽ شاعري جو ايوارڊ مليو. سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر پاران سماجي خدمتن جي عيوض کيس مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو، آرٽ ڪائونسل خيرپور پاران ڊراما فيسٽيول ۾ بهترين ڊراما رائيٽر جو ايوارڊ مليو. نيشنل پريس ڪلب ڪنب پاران سماجي مڃتا ايوارڊ سان کيس نوازيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو