116

جي اي ايس ٽي ٽيسٽ ۽ سنڌ ۾ تعليم جو حال…!!

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ جي اي ايس ٽي جي 14 هزار سيٽن لاءِ هڪ لک 60 هزار اميدوارن مان رڳو 1250 ڪامياب ٿي سگهيا آهن، سنڌ ۾ تازو ئي استادن جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ جي جاري ٿيل نتيجن موجب سنڌ ۾ جونيئر ايليمنٽري اسڪول ٽيچر طور ڀرتين لاءِ هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ  اميدوارن  آءِ بي اي جي انتظام  هيٺ ٽيسٽ ڏني، جن مان رڳو 1250  اميدوار ئي گهربل مارڪون کڻي  ڪامياب ٿي سگهيا آهن. جڏهن ته هڪ لک 59 هزار اميدوار فيل ٿي ويا آهن. اهڙي ريت جي اي ايس ٽي واري ٽيسٽ ۾ 99 سيڪڙو کان به وڌيڪ اميدوار فيل ٿيا آهن، جڏهن ته پاس ٿيل شاگردن جي شرح 0.78 رهي. ٽيسٽ ۾ مجموعي طور تي 55 سيڪڙو جڏهن ته هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي هو،  گهٽ شاگردن جي پاس ٿيڻ جو معاملو معاملو سنڌ ڪابينا ۾ پڻ اٿاريو ويو، جنهن ۾ ڪجهه وزيرن جي راءِ هئي ته ٽيسٽ ڏکي هئي ان ڪري گهٽ مارڪن وارن کي به پاس ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته سينيئر وزيرن مخالفت ڪندي چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ ڪمپرومائيز نه ڪيو وڃي. ٻي پاسي ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھڪ سوال تي ته استادن جي ڀرتين دوران ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وئي آهي، سيد سردار علي شاهه جواب ڏيندي چيو ته ھڪ به اھڙي اميدوار جو ڏس ڏنو وڃي جيڪو پيسا ڏئي پاس ٿيو ھجي ته آئون وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏيندس، 46 ھزار 649 استادن جي خالي جاين تي ڀرتي ڪئي پئي وڃي، جي اي ايس ٽي جي 14 ھزار سيٽن تي رڳو 1250 اميدوار ئي  پاس ٿي سگهيا آهن جيڪڏهن ايجنٽ مافيا هجي ها ته رڳو 1250 اميدوار  پاس نه ٿين ها، سيڪريٽري تعليم جو پٽ ۽ نياڻي به فيل ٿي ويا آهن، منهنجي پرائيويٽ سيڪريٽري جو ڀاءُ به فيل ٿيو آهي، چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري ميرٽ ۽ شفافيت جون خاص ھدايتون ڏنيون آهن، سيٽون بچن ٿيون ته انهن لاءِ رليڪسيشن جو اعلان ڪري سگهجي ٿو باقي ڪنهن کي به ناجائز فيور نه ڏني ويندي. اسان سمجهون ٿا ته موجوده ورتل ٽيسٽ رڳو اميدوارن جي اهليت نه پر خود تعليم کاتي ۽ تعليمي نظام جا به پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان مان واضح ٿي ويو آهي ته اسان وٽ تعليمي صورتحال ڪهڙي آهي ۽ پڙهائي جو نظام ڪيترو مضبوط آهي، اسان سمجهون ٿا ته گذريل 8 سالن کان سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي واري صورتحال آهي، ان باوجود هن ٽيسٽ جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته اسان وٽ ايمرجنسي ڪيتري ڪامياب وئي آهي، هن ٽيسٽ جي نتيجن نه رڳو اميدوارن ۽ پر استادن جي اهليت تي پڻ سوال اٿاريا آهن، اسان سمجهون ٿا ته اهڙي صورتحال ۾ جيترا به اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، صرف انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ۽ نوڪرين جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي وڃي، تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه پاران ڏنل وضاحت ۽ شفافيت تي بيهڻ واري بيان جي مڪمل حمايت ڪندي اسان صرف ايترو چونداسين ته هن ٽيسٽ جي نتيجن کانپوءِ هڪ اهڙي ٽيسٽ سنڌ جي استادن کان به وٺڻ گهرجي ۽ انهن جي به تربيت ٿيڻ گهرجي جيئن اڳتي اهڙي صورتحال کان بچي سگهجي. اسان اها به گهر ڪريون ٿا ته رهيل سيٽن تي ڪنهن به رليڪس ڏيڻ بدران ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي ۽ اهل اميدوارن کي نوڪري ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو