ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جي زراعت کاتي بابت صلاحڪار منظورحسين وساڻ جي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ سب کان وڏو مسئلو وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، حڪومت ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، سليڪٽڊ حڪومت جي نااهلي سبب عوام مهانگائي خلاف سراپا احتجاج آهي. هن وڌيڪ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته زرعي سيڪٽر ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي هيو ان کي عمران خان حڪومت تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو شخص وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي انکي ملڪ هلائڻ لاءِ رموٽ هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، عمران خان خان وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ مهانگائي جي جِنَ سان سڃاتوپيووڃي. منظور وساڻ چيو ته عمران خان صاحب اوهان غريب کي روزگار، 2 وقتن جي ماني ۽ نه ئي وري انصاف ڏئي سگهيا آهيو، ملڪ ۾ غربت گهٽجڻ بجاءِ وڌندي پئي وڃي، جن صوبن ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت آ اتي غربت تمام گهڻي آهي، سنڌ ۾ ٻين صوبن کان غربت غربت گهٽ آهي، ڇو جو پيپلزپارٽي ماڻهن کي روزگار ۽ گهر ڏنا آهن، عمران خان جي حڪومت ۾ ڪرپشن ۾ اضافو، ادارا تباهه، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي آهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڏکيائيون وڌنديون پيون وڃن ۽ سليڪٽڊ حڪومت چوي پئي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪٿي به ناهي؟، ماڻهن جو ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي، ننڍيون انڊسٽريون، بجلي، گيس جون قيمتون وڌڻ سبب بند ٿي ويون آهن.
