ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته عمران نيازي ملڪ ۾ ميڊيا جي آزادي بابت هڪ نئون ڪوڙ ڳالهايو آهي جنهن جي شديدـ مذمت ڪيون ٿا جڏهن ته سليڪٽڊ وزير اعظم ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، ھن اھڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي ، ھن چيو ته ڪوڙ ڳالھائي ماڻهن کي بيوقوف ڪندڙ عمران نيازي ھاڻ عوام کي رڪارڊ مھانگائي ۽ بي روزگاري ڪري کين رلائي رهيو آهي ۔ شازيه مري چيو ته ماڻھو ھن جوڪر وزيراعظم جي حڪومت کي ھاڻ برداشت نٿا ڪري سگھن ـ ھن وڌيڪ چيو ته نااھل وزيراعظم جو پشتونن کي طالبان سان جوڙڻ جو بيان نھايت ئي افسوسناڪ آھي ۽ عمران نيازي جي انھن بيانن قوم کي عالمي سطح تي شرمسار ڪيو آھي جڏهن ته سليڪٽڊ وزيراعظم جي حيران ڪندڙ بيانن کان پوري قوم تنگ اچي وئي آهي ـ ھن چيو ته عمران نيازي جي ٽن سالن جي حڪومت ماڻهن کي رئاڙي ڇڏيو آهي ـ
123