نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جي هڪ ٻي امڪاني جنگ روڪڻ جي گهرج آهي، اسلامو فوبيا ختم ڪرائڻ لاءِ عالمي سطح جون ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. افغانستان ۾ هڪ وڏو انساني بحران لامارا ڏئي رهيو آهي، جنهن جا نه رڳو افغانستان جي پاڙيسري پر هر جاءِ تي سنگين اثر پوندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کي وڊيو خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي اها ذميواري آهي ته اهو پاڪستان سان ڳالهين لاءِ بهتر ماحول ٺاهي. ڀارت ۽ پاڪستان جي هڪ ٻي امڪاني جنگ روڪڻ جي گهرج آهي، وزيراعظم اسلامو فوبيا جي خطرناڪ رجحان جو ذڪر ڪندي چيو ته اسلامو فوبيا هڪ ٻيو خطرناڪ رجحان آهي جنهن کي اسان سڀني کي گڏجي روڪڻ جي ضرورت آهي. ماضي ۾ افغان مجاهدين کي هيرو تصور ڪيو ويو، کين وائيٽ هائوس ۾ گهرائي انهن کي آمريڪين جي بانين وانگر هيرو چيو ويو، ايڏين قربانين باوجود افغانستان صورتحال بابت اسان تي الزام هنيا پيا وڃن، جيڪڏهن افغانستان کي نظرانداز ڪيو ويو ته ايندڙ سال 90 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير جي هيٺ هليا ويندا جنهن جا اسان سميت سڀني تي اثر پوندا، دنيا کي اسرندڙ ملڪن جي لُٽيل دولت واپس ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اهو وقت پري نههي جڏهن امير ملڪن کي غريب ملڪن جي ڏتڙيل ماڻهن کي روڪڻ لاءِ سرحدن تي ڀتيون چاحڻيون پونديون. اسلاموفوبيا جي خطرناڪ شڪل کي سڀني کي گڏجي روڪڻ جي ضرورت آهي، اسلاموفوبيا جي بدترين ۽ نهايت خطرناڪ شڪل جو هن وقت ڀارت تي راڄ آهي، اسلامو فوبيا ۾ اضافو روڪڻ جي باري ۾ عالمي سطح جي ڳالهين جو اهتمام ڪيو وڃي. وزيراعظم افغانستان جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال جي لاءِ ڪنهن وجهه سان آمريڪا ۾ سياستدانن ۽ يورپ جي ڪجهه سياستدانن پاڪستان کي انهن واقعن جي لاءِ ذميوار ڄاڻايو آهي. هن چيو ته ان پليٽ فارم وسيلي آئون سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 11 سيپٽمبر وارن حملن کان پوءِِ آمريڪا جي قيادت ۾ اتحادين افغانستان تي حملو ڪيو ۽ اهو پاڪستان جي لاجسٽڪ سپورٽ کان سواءِ ممڪن نه هو. ان کان پوءِ ڇا ٿيو اهي ئي مجاهد جن کي اسان تربيت ڏني هئي ته غير ملڪي قبضي جي خلاف جنگ هڪ مقدس فرض، مقدس جنگ يا جهاد آهي، اهي اسان جي خلاف ٿي ويا ۽ اسان کي حصيدار چوڻ لڳا ۽ انهن اسان جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو. دنيا کي معلوم هجڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ آمريڪا 480 ڊرون حملا ڪيا، جڏهن انهن حملن ۾ بي گناهه ماڻهوڳ ماريا ويا ته انهن جي وارثن ان جو پلاند وري پاڪستان کان ڪيو. 2004ع ۽ 2014ع دوران 50 مختلف هٿياربند گروپ پاڪستان ۾ حملا ڪري رهياهئا. سڄي پاڪستان ۾ بم ڌماڪا ٿي رهيا هئا ۽ اسان جي ملڪ جو گادي وارو شهر هڪ قلعو ٿي ويو هو. وز يراعظم چيو ته جيڪڏهن دنيا جي سڀ کان وڌيڪ منظم فوج ۽ دنيا جي بهترين ڳجهين ايجنسين مان هڪ ڳجهي ايجنسي نه هجي ها ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان گهڻو پوئتي هليو وڃي ها، جڏهن اسان اهو ٻڌندا آهيون ته آمريڪا کي افغانستان ۾ پنهنجي ترجمانن ۽ هر ان شخص جي باري ۾ جنهن به آمريڪا جي مدد ڪئي آهي انهن جي حفاظت بابت گهڻي پريشاني ٿيندي آهي، ته پوءِ اسان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟، هن چيو ته اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻ جو واحد سبب اهو هو ته اسان افغانستان جي جنگ ۾ آمريڪا جا اتحادي ٿي وياسين، افغان سرزمين تي پاڪستان تي حملا ٿي رهيا هئا، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان جي واکاڻ ٿيڻ گهرجي ها پر تصور ڪريو ته اسان کي ڇا محسوس ٿيندو هوندو جڏهن افغانستان ۾ جي معاملن بابت اسان کي ئي ذميدار قرار ڏنو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن دنيا کي اڄ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته طالبان واپس اقتدار ۾ ڪيئن آيا ته انهن کي اهو ڪرڻو آهي ته کين سڄي ڳالهه جو گهرائي سان جائزو وٺڻ گهرجي ته ٽي لک هٿياربند افغان فوج وڙهڻ کانسواءِ هٿيار ڇو ڦٽا ڪيا ۽ ياد رکيو وڃي ته افغان دنيا جي بهادر قومن مان هڪ آهي ان جو گهرائي سان تجزيو ڪرڻ تي دنيا ڄاڻي ويندي ته طالبان ٻيهر اقتدار ۾ ڇو آيا، پر اهي پاڪستان جي ڪري نه آيا آهن، هن چيو ته هاڻي پوري عالمي برادري کي سوچڻ گهرجي ته اڳيان وڌڻ جو رستو ڪهڙو آهي، ٻه رستا آهن جيڪي اسان اختيار ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن اسان هن وقت افغانستان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ته گڏيل قومن موجب افغانستان جا اڌ ماڻهو پهرين ئي انتهائي غريب آهن ۽ ايندڙ سال تائين افغانستان جا تقريبن 90 سيڪڙو ماڻهو غربت کان هيٺ هليا ويندا، اتي هڪ وڏو انساني بحران لامارا ڏئي رهيو آهي ۽ ان سان نه رڳو افغانستان جي پاڙيسرين پر هر جاءِ تي سنگين اثر پوندا. هڪ غير مستحڪم افراتفري جو شڪار افغانستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي ويندو ۽ انهي ڪري ئي آمريڪا افغانستان آيو هو، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اڳيان وڌڻ جو هڪ ئي رستو آهي، اسان کي افغانستان جي عوام خاطر موجوده حڪومت کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ گهرجي، هن طالبان جي واعدن جو ذڪر ڪندي چيو ته طالبان واعدو ڪيو آهي ته هو انساني حقن جو احترام ڪندا انهن جي هڪ جامع حڪومت هوندي ۽ اهي پنهنجي سرزمين دهشتگردن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا ۽ هنن عام معافي ڏني آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي افغانستان جي لاءِ نازڪ وقت آهي، وقت ضايع نٿا ڪري سگهون، اتي مدد جي ضرورت آهي، اتي انساني امداد فوري طور تي ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جرئت وارا قدم کنيا آهن، وزيراعظم وزيراعظم ڀارت جي غير قانوني قبضي واري والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير ۾ ڪيترائي غير قانوني ۽ يڪطرفا قدم کنيا هن 9 لک قابض فوجين وسيلي دهشت جي فضا قائم ڪئي آهي، ڪشميرين جي سينئر قيادت کي قيد ڪيو ويو آهي، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سخت پابنديون لاڳو ڪيو ويون آهن، پرامن احتجاج کي پُرتشدد طريقي سان دٻايو ويو، 13 هزار نوجوان ڪشميرين کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ انهن مان سوين کي تشدد جو نشانو بنايو ويو آهي، جعلي مقابلن ۾ سوين بي گناهه ڪشميرين کي قتل ڪيو ويو آهي، پورن پورن محلن ۽ ڳوٺن کي تباهه ڪري ماڻهن کي اجتماعي سزائون ڏنيون ويون آهن. ڀارتي قدم والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهن، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جا قدم چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي انساني حقن ۽ انسانيت بابت گڏيل قانونن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ جنگي ڏوهه انسانيت جي خلاف ڏوهن برابر آهن، وزيراعظم چيو ته اها وڏي بدقسمتي آهي جو انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي معاملي ۾ دنيا جي هڪجهڙي ورتاءُ جي کوٽ آهي، جاگرافيائي ۽ سياسي عوامل يا ڪاروباري مفاد، واپاري مفاد، اڪثر وڏين طاقتن کي پنهنجي وابسته ملڪن جي خلاف ورزين کي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿا، هن چيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ڀارت جي معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ واضح ۽ نمايان آهن، جتي آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت کي سموري آزادي سان انساني حقن جي خلاف ورزين جي اجازت ڏني پئي وڃي.وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ڪرپٽ حڪمران اشرافيا جي هٿان ٿيندڙ ڦرلٽ جي ڪري امير ۽ غريب ملڪن جي وچ ۾ فرق خطرناڪ رفتار سان وڌي رهيو آهي، هن چيو ته هن پليٽ فارم وسيلي دنيا جو ڌيان اسرندڙ ملڪن مان ناڻي جي چوري جي لعنت ڏانهن ڇڪرائيندي چوان ٿو ته ايف اي سي ٽي آءِ پينل ڪاٿو لڳايو آهي ته هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو اسرندڙ دنيا کان ٻاهر وڃي ٿو. جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني ڀارت سان ڪيو اهو شاطر حڪمران اشرافيه اسرندڙ ملڪن سان ڪري رهيا آهن يعني دولت کي ڦري اولهندين ملڪن ۽ آئوٽ آف شور ٽيڪس جنتن ۾ منتقل ڪري رهيا آهن،عمران خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان چورايل اثاثا واپس وٺڻ غريب قومن لاءِ ناممڪن آهي. ان ڪري اسرندڙ ملڪن مان چوري ٿيندڙ ناڻي جي امير ملڪن ڏانهن منتقلي روڪڻ لاءِ ۽ واپس ڪرائڻ لاءِ فريم ورڪ ٺاهڻ گهرجي.
111