120

عمران خان جو 1100 ارب رپين جو پيڪيج رڳو ڳالهيون آهن، اعلان نه پر عمل ٿيڻ گهرجي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت چيو آهي ته عمران خان جو 1100 ارب رپين جو پيڪيج رڳو ڳالهيون آهن، اعلان نه پر عمل ٿيڻ گهرجي،بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  وزيراعظم جي ڪراچي دوري بابت باضابطا اعلان ناهي، ڊسمبر تائين بسون روڊن تي اينديون علي زيدي نقشن بدران حقيقتون ٻڌائي، وفاقي حڪومت جو ڪو به منصوبو ايندو آهي ته اسان ڀليڪار چوندا آهيون، رڳو دعوائون نه ڪيو وڃن، عملي ڪم به ٿيڻ گهرجي، ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته  اسانجي ڪوشش آهي ته مارچ کان پهريان بلدياتي چونڊون ٿي وڃن، عدالتن جو احترام ڪيو ٿا، چيف جسٽس جي رمارڪس تي تبصرو نه ڪنداسين،جن شهيدن جي گهر ڀاتين کي پلاٽ ناهن مليا، انهن کي ڏينداسين، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو