128

وفاقي حڪومت جو نيب جي نئين چيئرمين جي مقرريءَ لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪرڻ جو فيصلو

جهلم (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جو نيب جي نئين چيئرمين جي مقرريءَ لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري صحافين سان ڳالهائيندي چيو  ته نيب جي نئين چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ٿيندي. شهباز شريف جوابدار آهي، نيب کيس جوابدار ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، نيب چيئرمين جي مقرري بابت شهباز شريف سان مشاورت ايئن آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان کان جانچ ڪير ڪري. هن چيو ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ لڪل آهي. وزيراعظم عمران خان سدائين پاڪستان جي عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي آهي. افغانستان جو مسئلو هجي يا ڪشمير جو، غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقلي جو معاملو هجي يا ماحول جو، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي پاڪستان جي هر شخص جي دل جي ترجماني ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران جهڙي طرح ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن آڏو رکيو، نريندر مودي کي للڪاريو، اينن پاڪستان ۾ ڪڏهن نه ٿيو آهي. اڳ ۾ حڪومتون رڳو ليڊرن سان پنهنجا لاڳاپا ٺاهينديون هيون، عمران خان عالمي سطح تي عوام سان ڳالهه ڪندو آهي، پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو حڪمران رهي چڪا آهن جن ۾ ڪڏهن پنهنجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت ئي نه آهي. انهن قومي دولت ڦرڻ، نريندر مودي کي شادين ۾ گهرائڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪو تعميري ڪم نه ڪيو. هن چيو ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ لڪل آهي، نواز شريف ۽ اشرف غني ٻئي ڊالرن جا بيگ ڀري پرڏيهه ڀڄي ويا آهن. جيڪي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ سان ڳنڍيل نه هجن ته اهڙي طرح جي زندگي گذارڻ انهن جو مقدر هوندو آهي، هن چيو ته اهو انهن ماڻهن جي لاءِ سبق آهي جيڪي سياست ته ڪن ٿا پر پنهنجي زمين سان ڳنڍجن نه ٿا، اهڙي قسم جي ماڻهن جو حشر اسان جي آڏو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو