اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ غير قانوني سڃاڻپ جاري ڪندڙ نادرا ملازمن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر فيصل سبزواري سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ معاملو اٿاريو. هن رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ نادرا جا 50 کان 60 سيڪڙو ملازم ڪرپشن ۾ ملوث آهن، گرفتار ڪيل افغان شهرين وٽان نادرا ڪراچي جا جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ نڪتا، القاعده رڪن عبدالله بلوچ نادرا کان هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪيا. رپورٽ موجب صفوران ڳوٺ ڪيس ۾ ملوث ڀارتي شهري عمران علي وٽ به پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي رپورٽ جي روشني ۾ غير قانوني ۽ غير مجاز سڃاڻپ جاري ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي.ان موقعي تي نادرا چيئرمين چيو ته معاملي جي جانچ ڪري رهيا آهيون، نادرا جا 12 آفيسر گرفتار ۽ 29 معطل پڻ ڪيا آهن.
