حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي احتساب عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 2003ع ۽ 2004ع جي گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحانن دوران 16 ھين ۽ 17 ھين گريڊ جي ڀرتين بابت داخل نيب ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو، سمورا جوابدار بري، ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي احتساب عدالت جي جج انعام ڪلهوڙو جي عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ 2003ع ۽ 2004ع جي گڏيل چٽا ڀيٽي جي امتحانن دوران 16 ھين ۽ 17 ھين گريڊ جي ڀرتين بابت داخل نيب ريفرنس تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ۾ فيصلو ٻڌائڻ دوران الزام ھيٺ آيل سمورا جوابدار وڪيلن سميت پيش ٿيا، ان موقعي تي عدالت فيصلو ٻڌائيندي نيب ريفرنس خارج ڪندي ريفرنس ۾ نامزد 20 جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي موجب نيب شاهديون پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، ظاهري طور نيب جو ريفرنس بدنيتي تي مشتمل آهي، جاچ آفيسر به اعتراف ڪيو آهي ته شاهديون ناهن مليون، نيب جي پيش ڪيل شاهدن جاچ کي سپورٽ ناهي ڪيو، ريفرنس ۾ نامزد 20 جوابدارن کي باعزت بري ڪجي ٿو، فيصلي موجب جاچآفيسر کي ڪي به ثبوت نه مليا، نه ئي ڪا رزلٽ ۾ ڦير ڦار ٿي آھي، ڪا به ثابتي ناھي ملي ته ان ۾ ڪا ڪرپشن ٿي آھي، پيپرن ۾ به ڦير ڦار جا ثبوت ناھن مليا، نيب جي 28 شاهدن بيان رڪارڊ ڪرايو، جن ۾ ڪا به ثابتي نه ملي ته پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ٿي آھي، مختلف وقتن تي جيڪي ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن اھي به ثبوت پيش نه ڪري سگھيون، عدالت نيب جي ريفرنس کي خارج ڪندي سمورن جوابدارن کي بري ڪري ٿي، نيب ريفرنس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمين محمد حسن ڀٽو، ڪنٽرول محمد عمر زئور، ڪميشن امتحان پاس ڪندڙ حاضر سروس 18 آفيسر به ريفرنس ۾ نامزد ھئا، نيب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2003-04ع جي امتحانن بابت 2015ع ۾ جاچ شروچ ڪئي هئي، 2018ع ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو، نيب ڪورٽ ۾ فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.
131