اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ٿر ۾ گذريل ڏينهن کان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، ڪلوئي، ننگرپارڪر، چيلهار ۽ اسلام ڪوٽ تي کنوڻن جي تجلن ۽ گجگوڙ جي ڌماڪن سان مينهن پيو، آسماني بجلي ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا، کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ نينگر ۽ 4 عورتون فوت ٿي ويون، مختلف هنڌن تي کنوڻ ڪرڻ سبب ٽن اُٺن سميت 200 ٻڪريون ۽ رڍون به مري ويون،اُنهي سلسلي ۾ مليل رپورٽن موجب ته ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ پاڏيرال ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 17 ورهين جي نوجوان ناري ڪملي ڌي اڪرڙو ڀيل فوت ٿي ويئي،مٺي ڀرسان ڳوٺ سوڀارو شاھ نيو ۾ پاڻي جي کوھ تان پاڻي ڀرڻ دوران عورتن مٿي وڄ ڪري پئي،جنهن جي نتيجي ۾ 16 ورهين جي گڏي ڌي لڇمڻ ڀيل ۽ 40 ورهين جي لالي زال ڪرنو ڀيل فوت ٿي ويون،وڌيڪ 2 عورتون بيهوش ٿي پيون،فوتين ۽ زخمين کي مٺي اسپتال نيو ويو،ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هلندڙ برسات دوران عورتون کوھ تان پاڻي ڀري رهيون هيون ته وڄ ڪرڻ جو واقعو پيش آيو،جنهن جي نتيجي ۾ ڀيل برادري جون 2 عورتون لالي زال ڪرنو ڀيل ۽ گڏي ڌي لڇمڻ ڀيل فوت ٿي ويون ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون،ٻئي پاسي اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 28 سالن جي مرادان ڌي پيراڻو سمون ۽ 8 سالن جو مزمل پٽ مومن سمون فوت ٿي ويا،فوت ٿي ويل ناري ۽ ٻار ٻئي ٻني ۾ موجود هئا,جتي برسات دوران وڄ ڪري پئي ٻئي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا،جڏهن ته اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ جيئندو درس ۾ وڄ ڪرڻ سبب معشوق علي درس جو 49 رڍون ۽ ٻڪريو مري ويون،ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ ڇھو سوٽھڙ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب سانوڻ ميگھواڙ جون 20 ٻڪريون مري ويون،اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ جينئدو درس ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب انور درس جون 50 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون،هوڏانهن ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات دوران وڄون ڪرڻ سبب ڳوٺ ورڻياريو ۾ سيد لعل شاھ جون 10رڍون، ڏنڀاريو ۾ ميرمحمد ۽ رحمت الله جون 7ٻڪريون ۽ ڪٻڙي ۾ پورهيت محمد عظيم کوسي جون ٻه ٻڪريون مري ويون،چيلهار ڀرسان ڳوٺ سورام ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي جا ٽي اُٺ مري ويا،وڌيڪ ڪيترن ئي علائقن تي وڄون ڪرڻ جا اطلاع ملي رهيا هئا،جنهن سبب عوام ۾ سخت خوف پکڙيل هو،برسات جو سلسلو رات ڌير تائين جاري هو.
