115

تعليم کاتي پاران ڊيسڪن جي خريداري جو ٽينڊر رد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اسڪولن لاءِ مهانگي اگهه تي ڊيسڪون خريد ڪرڻ وارو اسڪينڊل منظر تي اچڻ کانپوءِ ٽينڊر رد ڪرڻ جو فيصلو  ڪري ورتو آهي، هاڻي ڊيسڪن جي خريداري ڊويزنل سطح تي ٿيندي، ڊيسڪ خريداري مامري جي جاچ لاءِ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه طرفان جوڙيل ڪاميٽي تعليم واري وزارت کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. ڪاميٽي ديسڪن جي خريداري جي طريقيڪار ۽ قيمتن جو نئين سر جائزو وٺي رپورٽ اختيارين حوالي ڪئي آهي، ڪميٽي جي سفارش تي مالي سال 2020-21، ۽ 2021 توڙي 22ع لاءِ ٿيل ٽينڊرز جو ورڪ آرڊر رد ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو. ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته اسڪولي ڊيسڪن جي خريداري سيپرا قانون تحت ڊويزنل سطح تي ڪئي ويندي، جنهن جا معاملا صوبائي سطح تي طئه ڪيا ويندا، جڏهن ته ڊيوزن سطح تي خريداري واري عمل کي صوبائي سطح تي سخت مانيٽرنگ ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته سنڌ جي تعليم کاتي 29 هزار رپين ۾ هڪ اسڪولي ڊيسڪ خريد ڪئي آهي. زريعن موجب ڊيسڪن جي خريداري لاءِ تعليم کاتي طرفان ٻن مالي سالن دوران ساڍا 3 ارب رپين جي خريداري جا ورڪ آرڊر جاري ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو