157

پگهارون بند، سن ۾ ميونسپل ملازمن جو معصوم پٽ تڙپي تڙپي فوت، لاش کڻي احتجاج

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سن ٽائون ڪميٽي جي ملازم پڃيل شيخ جو پٽ 15ورھين جو واجد علي جيڪو ڪجھه ڏينھن کان بيمار ھو، جنھن کي وارث سن اسپتال علاج لاءِ کڻي آيا، جيتي ڌاڪٽر ن ھئڻ جي ڪري واجد علي پنهنجي پيءُ جي ھنج ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ فوتي نينگر جو پيءَ پنھنجي پٽ کي کڻي پيادل احتجاج ڪندو شھر پھتو ت شھري سوڳوار ٿي ويا فوتي جي پيءَ سان شھري ۽ ٽائون ڪميٽي جي صفائي وارو عملو يڪجهتي طور احتجاجي ريلي ڪڍي ٽائون ڪميٽي جي در جي اڳيان ڌرڻو هڻي رکي سخت نعريبازي ڪئي. پڃيل شيخ دلدار شيخ، سڪندر علي شيخ دائھيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا اسان 4 مھينن جون پگهارون ڪري ناھي سگھي، جنھن جي ڪري شھر مان ڳڀو ٽڪڙ پني ڪري زندگي بصر ڪري رھيا آھيون ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت ٽائون ڪميٽي سن جي ملازمن جون رھيل 4 مھنن جون پگهارون ڪرائي زندگيون بچايون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو