107

دوڙ ويجهو خيرپور کان رٺل زال کي وٺڻ آيل پيرسن سالن هٿان ڪهاڙيون ۽ گوليون هڻي قتل

دوڙ (ويب ڊيسڪ) دوڙ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب  هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي تفصيل موجب دوڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي محمد شاهه ديهه 95 نصرت ۾ ڪلهوڙا برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب  60 ورهين جو ممتاز علي ڪلهوڙو مارجي ويو، جڏهن ته رفيق ڪلهوڙو سخت زخمي ٿي پيو آهي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي دوڙ پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمي کي دوڙ اسپتال کڻائي آئي، پوليس موجب مقتول ۽ زخمي پاڻ ۾ سالو ۽ ڀيڻيوو آهن، ٻنهي ڌرين ۾ ڪافي عرصي کان جهيڙو هلندڙ هو، پوليس موجب مقتول ممتاز علي ڪلهوڙو پنهنجي گهر واري کي وٺڻ لاءِ خيرپور کان آيل هو، سندن گهرواري جيڪا ڪافي سالن کان ناراضگي سبب پنهنجن عزيزن ۾ ترسيل هئي، ان کي وٺڻ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هو قتل ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو