ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 28 سيپٽمبر کان سنڌ ۾ برسات پوندي، جڏهن ته ڪراچي ۾شهري ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، ان لاِءِ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، شهيد بينظيرآباد ۽ دادو ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ برسات پئجي سگهي ٿي.
