108

سنڌ جي گورنر سان ايف آءِ اي ڊي جي، جي ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڪالهه ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل ثناءَ الله عباسي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايف آءِ اي جي پيشيوراڻن معاملن ۽ ڪرپشن خلاف قدمن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر ايف آءِ اي جي ڊي جي کي هدايت ڪندي چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم جون واضح هدايتون آهن ته ڪرپشن ۾ ملوث عنصرن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو