موغا ديشو (ويب ڊيسڪ) صوماليه جي صدارتي محل تي آپگهاتي حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي، رپورٽ موجب صوماليه ۾ آپگهاتي بمبار صدارتي محل ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي روڪڻ تي چيڪ پوسٽ تي پاڻ کي اڏايو،ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ڀرپاسي بيٺل ڪيتريون ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون، ٻئي طرف الشباب نالي شدت پسند تنظيم آپگهاتي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.
121