ليکڪ: رمضان نوناري
ڄامشوري کي الوداع ڪندي اکين ۾ اڄ پاڻي آھي، تنھنجي ياد ستائيندي رھي، تو سان گھاريل سڀ منظر اکين آڏو اچي ويا، المنظر تي رکيل اھا بينچ جيڪا اسان ٻنھي کي محبتون آڇيندي ھئي اھا اڄ 21 ورھيه گذرڻ جي باوجود ساڳي جڳهھ تي پيل آھي، جنھن تي پاڻ ويھي برگر ۽آئسڪريم وٺي کائيندا ھئاسين، المنظر تي پريمي جوڙن جو ھڪ ٻئي جي ڀرسان ھٿن ۾ ھٿ ڏئي ھلڻ ۽ رومانوي مستقبل جا خواب ڏسڻ، پريان حيدرآباد کان ڄامشوري ۽ ڄامشوري کان حيدرآباد ويندڙ ٽريفڪ جي ھارونن جو آواز ۽ شور ساڳيو آھي، ڄامشوري جي پل تي رات جي پھر ۾ ٽم ٽم ڪندڙ لائيٽون، درياھه جي پل تان چوڏهينءَ جي چنڊ جو اڀرڻ، درياھه جي پاڻي ۾ چنڊ جي روشني جوعڪس، نوجوانن جو پل جي گيڊن تي چڙھي مڇي مارڻ، سنڌ يونيورسٽي جون قطارن ۾ ٽمڪندڙلائيٽون، ڄامشوري جي ڇڙواڳ ھوائن ۾ وڻن جو جھومڻ، المنظر جي رستن تان وڏيون لائيٽون جيڪي رات کي ڏينھن ۾ تبديل ڪري ڇڏين ۽ المنظر جي پارڪن ۾ نوجوان پريمي جوڙن جون کينچلون سڀ ڪجهھ ته ساڳيو آھي، ڪجهھ به ناھي بدليو، انهن 21 سالن جي عرصي ۾ مون ڪافي ڀيرا المنظر تي وڃڻ چاھيو پر وڃي نه سگھيس، تنھنجي حادثاتي موت کان پوءِ مون ڪڏھن به اھي ماڳ نه گھميا جتي تون مون سان گڏ ھوندي ھئينءَ، ھڪ سال پريس ڪلب جي اليڪشن جي ٽوئر دوران منھنجا صحافي دوست المنظر تي ھليا ويا، چاھيو ھوم ته انھن سان گڏ المنظر تي اچان ۽ گھمان پر نه اچي سگھيس، اڄ جڏھن ھڪ نجي ٽي وي چينل جي آفيس کان فارغ ٿي موٽرسائيڪل تي حيدر چوڪ تي پھتس ته انھي جڳهھ تي نظر پئي جتي تو ھڪ ڏينھن مون سان گڏجي ريڙھي واري کان ڪتاب ورتا ھئا، ائين ئي تنھنجي ياد منهنجي ذھن کي وڻ ويڙھي جيان وڪوڙي وئي، بنا دير 21 ورھين کان پوءِ المنظر تي ھليو آيس، اڄ آئون اڪيلو آھيان، تنھا آھيان، ڪڏھن ته توسان گڏ ھوندو ھئس، المنظر تي ڪجهھ به ناھي بدليو، بس برگر وڪرو ڪندڙ چاچو نه هو، جيڪو توکي ۽ مون کي پنھنجي اولاد جيان سمجھندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن فري ۾ برگر به کارائيندو ھو ۽ اسان ٻنھي کي دعائون ڏيندو ھو، جڏھن پاڻ المنظر تي نه ھلندا ھئاسين ته ھو تنھنجي سھيلين کان يا وري منھنجي دوستن کان پاڻ ٻنھي جو پڇندو ھو، جڏھن المنظر تي پاڻ ايندا ھئاسين ته پڇندو ھو پٽ ڪالھه ڇو نه آيا اسان ڪو نه ڪو سبب ٻڌائيندا ھئاسين ته چوندو هو چڱو ٺيڪ آھي پٽ الله خوش رکندو، درياھ جي پل واري گيڊن مان مڇي مارڻ وارا نوجوان ساڳيا ناھن جن کان پاڻ مڇي وٺي حيدرآباد جي ھوٽل تي پچرائي کائيندا ھئاسين، المنظر جي ننڍڙي ھوٽل تي اھي بيئرا به ساڳيا ناھن جن کي تون مختلف کائڻ جي شين جو آڊر ڏئي وري واپس ڪري ڪنھن ٻي شي جو آڊر ڏيندي ھئينءَ ۽ انھن کي تنگ ڪندي ھئينءَ جيڪي ڪڏھن به پاڻ ٻنھي سان ڪاوڙ نه ڪندا ھئا، ھاڻ ته المنظر تي پريمي جوڙا پنھنجي موبائيلن ۾ سيلفيون ڪڍي رهيا هئا،جيڪي 21 سال اڳ پنھنجي دور ۾ نه ھونديون هيون، پاڻ وٽ صرف ڪئيمرا ھوندي ھئي، المنظر تي ديوي جو اھو ننڍڙو گھاٽو وڻ به ڪو نه ھو، باقي تو کان مون کان سواءِ المنظر تي سڀ ڪجهھ ساڳيو آهي، ڪجهھ به ته ناھي بدليو، المنظر تي پھچي فيس بوڪ تي لائيو اچي چوڏھينءَ جي چنڊ جي اڀرڻ، درياھه جي پل تي ٽمڪندڙلائيٽن، پريمي جوڙن جو گهمڻ ۽ نوجوانن جي مڇي مارڻ وارا سڀ لائيو منظر فيس بوڪ جي ٿورن سان محفوظ ڪري ورتا، المنظر تي مون ڪيترائي ڪلاڪ گھمندي ۽ ويھي گذاريا تو کي ياد ڪندو رھيس، اھي سڀ ماڳ رستا گھميا جتي ڪڏھن آئون اڪيلو نه ھوندو ھئس تون به مون سان گڏ ھوندي ھئينءَ، المنظر تي تنھنجي ياد جي ڦاھي وڌيڪ سوڙھي ٿي پئي آھي ھڪ ڏينھن ھاسٽل جي فيس جا مون وٽ پئسا ٿورا ھئا تو کي خبر پئي ھئي ته ھاسٽل جي فيس جمع ڪرائڻ لاءِ مون وٽ پئسا ناھن ته تون حيدرآباد ۾ سونارڪي بازار مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ھلي ھئينءَ ۽ پنھنجي ھٿ جي چيچ ۾ پاتل سوني منڊي ڳارائي ان جا مليل پئسا اڌ منھنجي جيب مان پرس ڪڍي وجھي ڇڏيا ھيئي ۽ اڌ پئسا پنھنجي پرس ۾ رکي ڇڏيا ھيئي خاموشيءَ سان سونارڪي دوڪان مان ٻاھر نڪري چيو ھيئي تو کي ھاسٽل جي فيس جا پئسا نه ھئا ته ته مون کان ڇو ڪو نه گھريا، تون پئسن جي معاملي ۾ مون کان ڳالھه ڇو لڪائيندو آھين؟ مان تو کان بنا حجاب جي پئسا خرچ ڪرائيندي آھيان تون مون کي پنھنجو نه ٿو سمجھين، تون ناراض ٿيڻ لڳي ھئينءَ تو کي ڪھڙي خبر اسان ڪامريڊ پلصراط جون پليون پار ڪري به پنھنجي وطن، ڌرتي ماروئڙن ۽ محبوبائن کي ڏک ۽ تڪليفون ناھيون ڏيندا، اسان ته ھميشه ڏيڻ وارن مان آھيون تو ڪاوڙ ۾ ھئينءَ تنھن ڪري مان چپ ئي رھيس ڪجهھ ڏينھن بعد ساڳي سونارڪي دوڪان تي توکي وٺي ھليس دوڪاندار کان سوني منڊي وٺي تو کي ھٿ جي چيچ ۾ پارائي ڇڏي ھيم تو کي چيو ھئم ته اسان ڪامريڊ آھيون، ھميشه پنھنجي محبوبائن کي ڏيندا آھيون اسان ڪامريڊ ڏيڻ وارن مان آھيون نه ڪي وٺڻ وارن مان، تون جڏھن مون سان گڏ ھوندي ھئينءَ ته سڄو ڏينھن ۽ راتين جون راتيون پنڌ حيدرآباد گھمندا ھئاسين، تنھنجي حادثاتي موت جو ٻن مھينن بعد بابو بنگلاڻي اسرا يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ چانهھ پيئڻ بعد ٻڌايو ھو، ڇو جو انھن ڏينھن ۾ فون يا وري ڪو تيز ميسج ڏيڻ جو جديد طريقو ڪو نه ھوندو ھو، آئون جڏھن ڳوٺ کان ايندو ھئس ته اڳ ۾ بابو بنگلاڻي سان ملندو ھوس تنھنجي حادثاتي موت جو ٻڌي آئون چرين جيان ٿي ويو ھئس. (هلندڙ)