ليکڪ: عائشه نور احمداڻي
ڪنهن به موضوع تي قلم کڻڻ کان پھريان اسين ان موضوع بابت سنجيدگيءَ سان کوجنا ڪندا آھيون جئين ان موضوع سان وابسته ھر ھڪ عنصر کي آسانيءَ سان بيان ڪري سگھون ۽ ھي گڻ ھڪ ليکڪ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري ٿو، مون ٻن آڱرين جي وچ ۾ قلم کي قابو ڪري ڪاڳر جي سيني تي لفظن جو ٻج پوکڻ ٿي چاھيو، پر الائي ڇو وسوسن جا پکي ٻج کي ٻوٽو ٿيڻ کان اڳ ئي چڳي ٿي ويا، ائين لڳو ٿي ڄڻ قلم لفظن جو وزن نه ٿي کڻي سگھيو، وسوسن جا واچوڙا مونکي جاءِ حاضر کان ڏور کڻي ٿي ويا، آ خر ڇا ۽ ڇا تي لکجي آئون بلڪل لکڻ جي ڪيفيت ۾ ھئس پر موضوع جي ڳولا ۾ مشغول ھئس ۽ جڏهن ھڪ ليکڪ اھڙي حالت مان گذري ته يقينن لفظن جو بار کڻڻ مشڪل ٿي پوندو آهي،آخرڪار مون فيصلو ڪري ورتو ته ڪجهه لکڻ شروع ڪريان ٿي ائين ئي مون ڪاغذ مس کنيا ته لفظن جو ڪبوتر منھنجي تخيل جي خزاني جي در تي اچي ويٺو، جنھن کي مون مال غنيمت سمجھي پنھنجي ڪيفيت سان ڳنڍي ڇڏيو، مون ٿورو ئي مس لکيو ته لفظن جو منھن چڙچڙي محبوب جيان ٿي ويو، مون لفظن کي بلڪل ائين ئي آزيون ڪيون جئين ناراض محبوب کي ڪبيون آهن، آخر لفظن کي قابو ڪري بارش جي انھن وڏڦڙن تي لکڻ لڳيس جيڪي ڌرتي تي ڪرندا آھن ته ھڪ من موهيندڙ ھڳاءُ ايندو آهي، پر منھنجي ذھن ۾ ھڪ گمان ڪر کڻي بيٺو ته بارش جي ھر بوند غريب ڪڙمين جي گھر کي ڪمزور ڪندي آهي ڀلا اھا حسناڪي به ڪھڙي ڪم جي جيڪا وڌڻ سان ھاڃيڪار ٿئي، ان ڪري منھنجي لفظن سندس حسن جي ترجماني کان نابري واري ڇڏي وري وري سوچيم ته ڇو نه فائيو اسٽار ھوٽل جي ٻاھر ويٺل ان پنجن سالن جي ٻاتڙي ٻار تي لکان جنهن جي خواهش صرف ايتري آھي ته ردي ۾ اڇلڻ وارو کاڌو کيس ڏنو وڃي جئين ان سميت گھر جا ڀاتي ڪلھه رات جيان بک تي نه سمھن، پر ڪھڙو فائدو جڏهن دنيا جي ھر ماڻهوءَ انسانيت جون آخري رسمون ادا ڪري ڇڏيون ھجن، ھڪ ليکڪ ته سڀ ڪجهه لکي سگھي ٿو پر دردن جي ترجماني لاءِ مضبوط ڪلھا گھرجن، جيڪي مفلسي جو وزن کڻي سگھن، انڪري آئون ايتري صلاحيت نٿي رکان پر ڇا ڪجي انھن ڪيفيتن کي جيڪي من کي منجھائي وجھن ٿيون، مون قلم کي ميز تي رکي ڀر ۾ پيل پاڻي جو گلاس کڻي ٻه ڍڪ پاڻي جا پيتا ۽ وري قلم کڻي آڱرين ۾ ڦيرڻ لڳيس ۽ ذھن کي موضوع جي کوجنا ۾ لڳائي ڇڏيو، ذھن مونکي اولڊ ھائوس ڏانهن وٺي ويو جتي پوڙھا بزرگ ماڻهو ڪچھري ۾ مشغول ھئا جن جو موضوع ھو ته ڪنھن جي اولاد ڪيتري ترقي ڪئي آهي،آئون دنگ رھجي ويس ته ھنن پوڙهن ماڻھن ھزارين مشقتون سر تي سھي پنھنجي اولاد کي پيرن تي بيهاريو ۽ انھن خود غرضن وٽ ايترو وقت ناھي جو والدين جو خيال رکي سگھن، ان ڪري پنھنجي والدين کي اولڊ ھائوس جي حوالي ڪري ويا ۽ ھتي ھي پوڙھا ماڻهو آهن جيڪي پنھنجي پرسن ۾ اڃان تائين پٽن جا فوٽو رکيون ويٺا آهن، مان ذھن کي اولڊ ھائوس کان ٻاھر ڪڍي شھر جي ڊوڙندڙ ماحول ۾ ڀٽڪڻ لڳيس جتي ڪو ڪنھن سان ته ڪو ڪنھن سان وڙھي رھيو ھو، پر ھڪڙي ڳالهھ مونکي پريشان ڪري وڌو ته وڙھن مرد پيا پر گاريون انھن جي عورتن کي ملي رھيون ھيون، شايد ھن معاشري ۾ عورت جو تصور بس گار جڙي ٿو،تڏهن مرد ھڪ ٻئي کي عورتن تي گاريون ڏيندا آهن، ڀلا انهن تي ڇا لکان جن کي لکڻ پڙهڻ سان ڪڏھن ڪو غرض ئي نه رھيو ھجي، شھر جي شور ۾ ڀٽڪندي منھنجي نظر ميونسپالٽيءَ جي وڏي عمارت تي پئي، جنھن جي دروازي جي ساڄي پاسي ھڪ وڏو ڪچري جو ڍير هو جتي ڪتن جو ھجوم ھو مون ڪتن کي ھڪل ڪئي ته اھي ڀڄي ويا ۽ جڏھن آئون ان جاءِ کي ويجھو ٿيس ته اتي ھڪ پيڪ ٿيل پاچڪو مليو مان کولڻ کان اڳ ميونسپالٽيءَ آفيس جي اندر ويس ته اتي ھڪ ڪارو متارو شخص ويٺي وات ۾ گٽڪو چٻاڙي رھيو ھو مون کائنس پڇيو ادا ٻاھر گند جي ڍير تي پيڪ ٿيل ھڪ پاچڪو پيو آهي جنھن مٿا بار بار ڪتا ھجوم ڪري رھيا آھن، انڪري اوھان جي ضرورت آهي، ھن ھمراهه جواب ۾ ڪجهه چيو پر وات ۾ گٽڪو ھجڻ جي ڪري آئون سمجھي نه سگھيس، ھن کي ٻيھر ٻڌائڻ لاءِ چيو ته ان گٽڪو پاسي ۾ ٿڪي چيو ته ادي منھنجو ڪم اھو ڪونھي باقي ٻيو اسٽاف شھر جي صفائي لاءِ نڪتل آهي، مون کي ان جي اھڙي قسم جي گفتگو ٻڌي جھجهو غصو آيو ۽ مان اتان ٻاھر نڪري پاچڪو کڻي اتي ئي آيس جتي ھو ھمراھ ويٺل ھو، مون پاچڪو کوليو ته ھڪ گلن جھڙو ٻالڪ ظاھر ٿيو مون ڦڙتائي سان کيس ٻاھر ڪڍيو ته ھو مري چڪو ھو مون فون ڪڍي ايڌي سينٽر ۽ پوليس کي ڪال ڪري اطلاع ڏنو ۽ ٻار کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪري اتان نڪتيس ته منھنجي اک ھڪ بينڪ تي پئي جتي جھور جھڏيون پڪيون پوڙھيون پئسن وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺيون ھيون، شايد اھي سڀ فاڪاڪشي جون ماريل هيون، مان ذھن سان گڏ ڀٽڪيس پئي ته منھنجي ڪمري جو دروازو اوچتو زور سان کڙڪيو، جنھن تي آئون تمام گھڻو ڊڄي ويس پر خير دروازو کوليو ته امان ھئي جيڪا سمھڻ جو چوڻ آئي ھئي، امان جو چوڻ ڪندي بستر تي ليٽي پيس ۽ موضوع ڳولڻ لڳيس ۽ ڳوليندي ڳوليندي ننڊ کڄي وئي.