ليکڪ: الطاف ابڙو
ڪورونا واري وبا جا ڪيس ۽ ڪلور اڃا ختم ناهن ٿيا، نه صرف پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ اهڙا معاملا روزانو ظاهر ٿي رهيا آهن پرسڄي دنيا ۾ ماڻهن جي ڪورونا واري وبا کان متاثر ٿيڻ بابت خبرون اچڻ اڃا گھٽ نه ٿيون آهن، جنهن ڪري ماڻھن ۾ ان وبا جي باري ۾ وڏو خوف موجود آهي ۽ احتياطي طريقا ۽ ويڪسينيشن جو عمل جاري آهي، جڏهن ته ماسڪ پهرڻ وارو لاڙو به مسلسل جاري آهي ۽ زور وٺي رهيو آهي. شهري نه صرف پاڻ ماسڪ پائي رهيا آهن پر اهي پنهنجن ٻارن کي به ماسڪ پهرائڻ چاهين ٿا پر ان سلسلي ۾ کين ڪيترائي مسئلا آڏو آهن. گھر مان نڪرڻ وقت ڪيترا ئي والدين ٻارن کي ماسڪ پهرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن کين ڪورونا وائرس واري وبا کان بچائي سگھجي. ڇاڪاڻ ته موجوده صورتحال ۾ خاص ڪري ٻارن لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته اهي جتي به وڃن انهن کي ماسڪ پاتل هجي ۽ اسڪول ۾ يا ڪنهن تقريب وغيره ۾ به اهي ماسڪ کي بناضرورت نه لاهين، ان سلسلي ۾ کين ٻارن کي سمجھائڻ لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪرڻا پون ٿا، هڪ رپورٽ مطابق نفسياتي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن ان سلسلي ۾ والدين کي ڪي ڪارائتا مشورا ڏنا آهن، ته جيئن اهي ٻارن کي ماسڪ پهرڻ تي راضي ڪري سگھن، ماهرن مطابق والدين کي سڀ کان پهرين اهو سمجھڻ گھرجي ته دنيا ۾ هر انسان ۽ هر ٻار ڪيترين ئي ڳالھين ۾ ٻين کان مختلف هوندو آهي. ان کي توهان ان ٻار جي شخصيت يا انفراديت به چئي سگھو ٿا،نيمورس الفريڊ آءِ ڊوپونٽ اسپتال ۾ ٻارن ۽ خانداني خدمتن جي سنيئر ڊائريڪٽر جينيفر شيولا مطابق والدين کي پنهنجن ٻارن کي سمجھڻ ۾ شروع ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو، هن صلاح ڏني آهي ته ٻارن کي ماسڪ پارائڻ کان پهرين والدين کي پاڻ کان ڪجهه سوال ڪرڻ کپن مثال طور: منهنجي ٻار جي لاءِ ڇا ضروري آهي ؟ منهنجو ٻار دنيا جي باري ۾ ڪيترو ٿو ڄاڻي ؟ منهنجو ٻار معلومات کي ڪئين ٿو سمجهي؟ ۽ سڀ کان اهم ته ماسڪ هن کي ڪيتري حد تائين پريشان ڪري ٿو سگهي؟ ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻار چهري تي ماسڪ پائڻ جي اهميت کي نه ٿا سمجهي سگهن تنهن ڪري مائٽ رڳو ڳالهه ٻولهه بدران ٻارن کي مختلف طريقن سان ان جي استعمال ۽ اهميت بابت سمجھائين، جئين وائرس هڪ خراب ماڻهو آهي ۽ اسان تي لازم آهي ته پنهنجي ڦڦڙن ۽ بت کي انهن کان بچايون، ماهرين مطابق ٻارن کي ماسڪ پارائڻ بابت راضي ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته ٻارن کي ان عمل ۾ باقاعده طور شامل ڪيو وڃي.ٻار کي پنهنجو ماسڪ پاڻ پسند ڪرڻ ڏجي، يا ساڻس گڏجي ان لاءِ ماسڪ تيار ڪيو وڃي،هڪ ڀيرو جڏهن مائٽ پنهنجي ٻار کي ماسڪ پارائڻ لاءِ راضي ڪري وٺن ته پوءِ انهن کي صحيح نموني سان ماسڪ پائڻ بابت ٻڌائين ۽ روزاني زندگي جي معمول جو حصو بڻائين، نفسياتي ماهر سواريز مطابق والدين پنهنجي ٻار کي ماسڪ جي عادت وجهڻ لاءِ گهر ۾ انهن جي سامھون ماسڪ پائين، ٻارن کي ماسڪ پائڻ ۽ پاڻ کي انهي حال ۾ آرسيءَ ۾ ڏسڻ جو چون ته جيئن ان عمل کي پنهنجو روزمره جو معمول بنائي سگهن، چلڊرن مرسي اسپتال جي چائلڊ سائڪولاجسٽ جل رابرٽسن رٿ ڏني آهي ته ماسڪ پائي ٻارن سان کيڏڻ به بهترين طريقو آهي.ٻار کي ڪا ڳالھه باربار ياد ڪرائڻ به هڪ بهترين طريقو آهي. ننڍي ٻار کي دماغ ۾ وهارڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان انهن موضوع جي باري ۾ ڏينهن ۾ ڪئين ڀيرا ڳالهايو پر ائين به نه جو هو ورچي يا بيزار ٿي پوي ۽ اهو ماسڪ پائڻ بابت سنجيده ٿي سوچي ۽ ڪورونا وائرس جي پيدا ڪيل حالتن جي سنگيني کي سمجهي ۽ پاڻ بچائي سگھي.