ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ 19 ۽ 20 صفر تي ڊبل سواري تي پابندي لاڳو، نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي، حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، ميرپورخاص، سکر، خيرپور ۾ 19 ۽ 20 صفر تي ٻيلھ سواري تي پابندي لاڳو ھوندي. مٽياري ۾ 20 صفر تي ٻيلھ سواري تي پابندي ھوندي. نوابشاھ جي ڪجھ علائقن ۾ ٻيلھ سواري تي پابندي ھوندي. ٺٽو ۽ جھرڪ ٽائون ۾ به ٻيلھ سواري تي پابندي ھوندي. پابندي سيڪيورٽي سببن جي ڪري لڳائي وئي. ٻار عورتون ۽ صحافي توڙي قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪار پابندي کان آجا ھوندا.
